حڪيم محمد صديق مورائي

حڪيم محمد صديق مورائي

حڪيم محمد صديق مورائي

حڪيم محمد صديق مورائي: خلافت تحريڪ جو اڳواڻ، عالم ۽ شـاعر حڪـيم مـولـوي محـمـد صديق ولد مخدوم ميان عبدالرئوف قاضي، 5 جمادي الثاني 1298ھہ مطابق 10 مئي 1881ع تي موري شهر، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. حڪيم مولوي محمد صديق دستاربند عالم، لاثاني حڪيم، شاعر، بھترين ڪاتب ۽ بي لوث سياستدان هو. هيءُ فارغ التحصيل عالم هو. هن موري ۽ پوءِ نوابشاھہ ۾پنهنجو طب خانو کوليو. طب ۾ کيس ڪلڪتي ۽ دهليءَ مان سندون مليل هيون. سندس باطني نسبت ڀرچونڊيءَ وارن بزرگن سان هئي، جن پاران کيس هلڪي سليٽي يا سائي رنگ مائل خلافت جو خرقو بہ مليل هو. هن وصيت ڪئي هئي تہ کيس ان ئي خرقي جو ڪفن ڏنو وڃي. قاضي محمد صديق مورائي عملي سياست جي شروعات خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪئي. پهرين خلافت ڪانفرنس 1919ع ڌاري حيدرآباد ۾ مخدوم غلام محمد ملڪاڻيءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مشھور عالمن، پيرن ۽ اڳواڻن حصو ورتو. ان ڪانفرنس ۾ مشھور روزاني اخبارالوحيدجاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مرحوم حافظ محمد ’احسن‘ چني جي لکت موجب تہ: هن اخبار جو نالو خليفي وحيدالدين جي پويان ’الوحيد‘ جي تجويز پيش ڪندڙ بہ صديق مورائي'>حڪيم محمد صديق مورائي هو. ترڪيءَ تي مڙهيل سخت ترين شرطن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ ان وقت جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل ’لارڊ چيلمسفورڊ‘ کي 22 جون 1920ع تي پيش ڪيل ياداشت نامي تي هن بزرگ جي صحي موجود آهي. قاضي محمد صديق خلافت تحريڪ دوران ساهتيہ پرڳڻي جي مختلف شهرن ۾ خلافتي جلسن ۾ انگريز سرڪار خلاف تقريرون ڪيون، نتيجي طور کيس 16 آڪٽوبر 1920ع ۾ ٻارهن مهينا سخت سزا ڏئي جيل موڪليو ويو. ڪورٽ سزا جو اعلان ڪيو ۽ کيس چيو تہ جيڪڏهن هو ضامن ڏئي تہ کيس آزاد ڪيو ويندو پر قاضي صاحب ضامن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. حڪيم محمد صديق ’اڪسير صديقي‘ (جيڪا ٻارن جي بيمارين لاءِ هئي) دوا پڻ تيار ڪئي. هيءُ حڪيم هجڻ سان گڏ سٺو شاعر بہ هو.کيس علم عروض تي عبور حاصل هو. هن سنڌي، فارسي توڙي عربيءَ ۾شاعري ڪئي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ شاعريءَ جا بياض، طبي بياض ۽ فتوائن/ تحريرن جا بياض وغيرہ شامل آهن.
قاضي محمد صديق 7 شعبان 1349ھہ مطابق 1930ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاھہ والد جي ڀر ۾ ’خليفي صاحب جي مقام‘ ۾ آهي.


لفظ حڪيم محمد صديق مورائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1881.05.10  عيسوي

خلافت تحريڪ جو اڳواڻ، عالم ۽ شـاعر حڪـيم مـولـوي محـمـد صديق ولد مخدوم ميان عبدالرئوف قاضي، 5 جمادي الثاني 1298هه مطابق 10 مئي 1881ع تي موري شهر، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.


1920.06.22  عيسوي

ترڪيءَ تي مڙهيل سخت ترين شرطن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ ان وقت جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل ’لارڊ چيلمسفورڊ‘ کي 22 جون 1920ع تي پيش ڪيل ياداشت نامي تي هن بزرگ جي صحي موجود آهي.


1920.10.16  عيسوي

قاضي محمد صديق خلافت تحريڪ دوران ساهتيه پرڳڻي جي مختلف شهرن ۾ خلافتي جلسن ۾ انگريز سرڪار خلاف تقريرون ڪيون، نتيجي طور کيس 16 آڪٽوبر 1920ع ۾ ٻارهن مهينا سخت سزا ڏئي جيل موڪليو ويو.


1349.08.07  هجري

قاضي محمد صديق 7 شعبان 1349هه مطابق 1930ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه والد جي ڀر ۾ ’خليفي صاحب جي مقام‘ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صدام حسين
علي گوهر خان مھر اول
علي نواز علوي مير
حيدر هروي
رابعہ قزداري
راڻڪ ديوي
شاهاڻي صاحب سنگهه
رحيم بخش جمالي
آشا چاند
ابو سلمه عبدالله مخزومي رضہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون