حڪيم محمد صديق، مولوي، سيتائي: مولوي حڪيم محمد صديق سيتا وليج، ضلعي دادو ۾ ڄائو. هيءُ بزرگ معقول ۽ منقول جي علمن جو وڏو ماهر هو. ڪلام، گفتگو ۽ مناظرن ڪرڻ ۾ کيس مهارت حاصل هئي. هيءُ اعليٰ پايي جو حڪيم هو، صبح کان شام تائين مريضن جو انبوھہ وٽس موجود رهندو هو. مختلف ديني علمن جي تحصيل مخدوم حاجي حسن ﷲ پاٽائيءَ وٽان حاصل ڪرڻ بعد سيتا ۾ مدرسو قائم ڪيائين. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي، مولوي عبدالله سيتائي، مولوي رحمت ﷲ سيتائي، مولوي عبدالقيوم بختيارپوري ۽ مولوي عبدالرؤف بختيار پوري انهيءَ مدرسي مان پڙهيا.