حڪيم محمد عمر لاکو

حڪيم محمد عمر لاکو: حڪيم مولانا محمد عمر لاکو ولد ميان حڪيم مولوي محمد حسين لاکو 1319ھہ/ 1901ع ۾ ڳوٺ دودي ٻگهيي ضلعي شھيد بينظيرآباد (نوابشاھہ) ۾ جنم ورتو. فارسي، عربي ۽ طبي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين. مختلف ڳوٺن جي مدرسن ۾ فارسي ۽ عربي تعليم ڏيندو رهيو، آخر ۾ ڳوٺ بھار جي ڪور، دولتپور صفن ۾ رهائش اختيار ڪري ديني ۽ طبي خدمتون انجام ڏيندو رهيو. هيءُ سٺو شاعر بہ هو. شاعريءَ ۾ مفتون ۽ احقر تخلص ڪتب آڻيندو هو. لکيل ڪتابن ۾: (1) سرور ڪائنات، (2) حضرت بايزيد بسطامي، (3) اندر جي اڪير، (4) ٻٻر جون خاصيتون شامل آهن. هن 20 صفر 1379ھہ/ 26 آگسٽ 1959ع تي ڳوٺ بھار جي ڪور ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.08.26  عيسوي

حڪيم مولوي محمد حسين لاکي 20 صفر 1379هه/ 26 آگسٽ 1959ع تي ڳوٺ بهار جي ڪور ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيس الدين ڀٽي
ٻڍل شاھہ ولد نواب شاھہ
پيرل پرديسي سيتائي
سليمان راڄڙ خليفو
غلام نبي عبداللطيف
عيد محمد اجميري
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
ڄيٺو منگلداس جرگياڻي
ذوالفقار علي ڪلهوڙو
احمد متقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون