حڪيم محمد مراد چنا

حڪيم محمد مراد چنا: حڪيم محمد مراد ولد حڪيم ڪوڙا خان چنا ڳوٺ مراد آباد ’گڏڻ‘ لڳ دادو شھر ۾ عيسوي سن 1865ع ڌاري جنم ورتو. پاڻ حڪمت جي تعليم پنھنجي والد حڪيم ڪوڙا خان کان حاصل ڪيائين. پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جو بہ ڄاڻو هو. سندن واسطو وقت جي مشھور مذهبي شخصيتن جن ۾ مولانا غلام محمد ملڪاڻي صاحب، مولوي سيد حاجي امير محمد شاھہ اميناڻي وارا، حافظ محمد عيسيٰ ٻوڪن وارو، حافظ ابوبڪر سمو لڳ ڳوٺ ٽڳا، حافظ محمد هاشم ۽ حافظ محمد انور سيال (جو هي شھر) ۽ ڪافي ٻين بزرگن سان هوندو هو جيڪي خاص طرح مراد آباد ۾ ساليانه يارهين شريف ۽ ٻين مذهبي تقريبات ۾ سندن دعوت تي شريڪ ٿيندا هئا. سندن حڪيم دوستن ۾ سيد حڪيم علي مراد شاھہ، سيد محمد راضي شاھہ سيتا وليج واري جو ڏاڏو، حڪيم سيد عبدالله شاھہ سابق وزيراعليٰ سيد عبدالله شاھہ جو ڏاڏو، حڪيم غلام محمد خان ٻرڙو ڳوٺ بُگ ٻرڙا ڳوٺ حڪيم محمد يعقوب ڪوريجو، حڪيم بصر الدين صديقي سيوهڻ وارو شامل هئا. سندس 3 فرزند هئا حڪيم ميان شفيع محمد، حڪيم غلام هادي، جيڪي ٻئي حڪمت ۾ سندس شاگرد هئا ۽ ٽيون پٽ عبدالرحيم زمينداريءَ سان وابستہ رهيو. سندن جملي 3 ڄڻا حڪمت ۾ شاگرد رهيا، جن ۾ مٿي ذڪر ڪيل 2 پٽ ۽ ٽيون حافظ نور محمد ولد حافظ محمد عيسيٰ ٻوڪ شامل هئا. پاڻ تمام ديندار، پرهيزگار ۽ روزي نماز جو پابند، متقي ۽ سالڪ هو. پردي وارين عورتن کي ٻانهن ۾ ڪارائيءَ وٽ ڌاڳو ٻڌرائي رب العزت جي طرفان عطا ڪيل ڏات ڪشف ذريعي بيماري معلوم ڪري علاج ڪندو هو. اڪثر غريب بيمارن کي ڳوٺ ۾ پاڻ وٽ رهائي مفت علاج ڪندو هو. هڪ امين طور انگريز حڪومت جي دؤر ۾ سرڪاري طرح موڪليل فيصلا 31-1930ع واري زماني کان هندن مسلمانن جا گڏيل طور ڪندو هو. سندس وفات 1960ع ۾ مرادآباد ۾ ٿي. سندس قبر سندس والد حڪيم ڪوڙا خان جي پيرانديءَ کان محمد مراد پير قبرستان ۾ موجود آهي. هڪ صديءَ کان وڌيڪ واري عرصي کان قائم شفاخانو هن وقت حڪيم شاھجھان بشير دادوءَ ۾ هلائي رهيو آهي. سندس ئي نالي سان دادو تعلقي ۾ ڳوٺ مرادآباد قائم آهي، جتي سندس ئي نالي سان هاءِ اسڪول، ديني مدرسو پڻ قائم ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو