حڪيم مولوي عبدالستار چنو: حڪيم مولوي عبدالستار ولد الھڏنو چنو ڳوٺ ٽنڊي علي شير تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. هن سموري تعليم مولانا عبدالغفور مھر وٽ ڳوٺ علي شاھہ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ديوبند ۾ مولانا حسين احمد مدنيءَ وٽ دؤره حديث مڪمل ڪيائين. حڪمت جي تعليم دهليءَ جي طبيه ڪاليج مان حاصل ڪري واپس سنڌ آيو ۽ شڪارپور ۾ اچي حڪمت شروع ڪيائين مولوي عبدالغفور بن آخوند محمد صديق مھر جڏهن ڳوٺ علي شاھہ ۾ پڙهائيندو هو، تڏهن مولوي عبدالستار چنو مطول ۽ مشڪوات تائين سمورو علم وٽن پڙهي دستاربند ٿيو. حڪيم صاحب، مولوي صاحب جو پٽيلو هو هيءُ دارالعلوم ديوبند ۾ حسين احمد مدني وٽ دؤره حديث پڙهي طبيه ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ان کان اڳ ۾ حڪيم قائم الدين احمد وٽ بہ طب پڙهيو هو.
دارالعلوم ديوبند ۾ مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽي، مولانا عبدالحق رباني، مولوي محمد سليمان ٻنوي، مولوي احمد مٽياروي ۽ مولوي الاهي بخش اعواڻ بہ ساڻس گڏ هئا. ٽي سال طبيه ڪاليج ۾ پڙهيو. حڪيم اجمل خان جي استاد حڪيم جميل خان وٽ سندس جاءِ تي بہ پڙهندو رهيو. 1928ع ۾ سنَد وٺي موٽي آيو ۽ شڪارپور ۾ پنهنجو مطب کوليائين. وٽس وڏا عالم ايندا رهندا هئا. هاٿيدر اندران پنج پير محلي ۾ سندس مطب هوندو هو.