حڪيم ميان شفيع محمد چنا

حڪيم ميان شفيع محمد چنا: حڪيم ميان شفيع محمد ولد حڪيم محمد مراد چنا، 1905ع ڌاري ڳوٺ مراد آباد، گڏڻ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. هيءُ پنھنجي وقت جو مشھور حڪيم هو. حڪمت جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين، جيڪو پڻ مشھور حڪيم هو. هيءُ حڪمت سان گڏ ڪاروبار ۽ زمينداري بہ ڪندو رهيو. ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد ۾ سندس مشھور هوٽلون يثرب ۽ زميندار هيون، جيڪي هالا جي سومرن کان ٺيڪي تي ورتل هيون. دادو جي آخوند غلام رسول ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ سيد شوڪت حسين شاھہ جي تعاون سان اهي هوٽلون هلنديون هيون. ايوب خان جي زماني ۾ يونين ڪائونسل پپري ضلعي دادو جو 60-1959ع ۾ نوٽيفائيڊ ميمبر چونڊيو ويو. سندس طبيعت نهايت سادي هئي. ان سبب گهڻو ڪري سياست کان پري رهيو. هيءُ غريبن جو مفت علاج ڪندو هو. وفات کان ڪجهہ وقت اڳ ۾ روزو کولڻ بعد پنھنجي گهر ۾ تراويحن پڙهڻ وقت پنھنجي وفات جو چيائين ۽ ايئن ئي تراويح پڙهندي ئي نومبر 1968ع 3 رمضان تي وفات ڪيائين. کيس 5 پٽ، 3 نياڻين جو اولاد هو. سندس پٽ منير احمد چنا 1977ع ۾ ايم. پي. اي چونڊيو، جيڪو هينئر زمينداري سان لاڳاپيل آهي. سندس ٻيو فرزند حڪيم حاجي بشير احمد دادو جو مشھور حڪيم ۽ بلديہ جو چيئرمين بہ رهيو آهي، ٽيون پٽ حاجي نظير احمد پڻ يونين ڪائونسل مراد آباد دادو ضلعي جو ناظم رهيو آهي، سندس چوٿون پٽ مختيار احمد ڪسٽم آفيسر آهي، پنجون نمبر پٽ محمد مراد چنا پوليس آفيسر آهي. حڪيم صاحب جي خدمتن جي اعتراف طور دادوءَ شھر جي پرائمري مين اسڪول کان چنا هائوس تائين روڊ جو نالو بلديہ دادو طرفان سندس نالي منسوب ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ سندس ئي نالي سان مراد آباد ڳوٺ ۽ دادو شھر ۾ ڪافي عرصي کان مدرسن ۾ ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. هي پنھنجي والد حڪيم مراد جي مزار سان لڳ دادوءَ شھر جي پير محمد مراد قبرستان ۾ دفن آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو