حڪيم مير محمّد وفا لکوي: حڪيم سيد مير محمد وفا لکوي ’نسيم الصبا الاصلاح هواء الوجا‘ جو مؤلف، معالجات توڙي مجربات جي حوالي سان سنڌ ۾ ’بو علي ثاني‘ ليکيو ويندو هو. سندس فرزند سيد غلام محمد ۽ سيد مير نور علي شاھہ بہ انهيءَ ابتدائي دؤر جا مشھور ۽ معروف حڪيم ۽ شاعر هئا. سندس مجربات ۽ ٻيا طبي ڪتاب اڃا تائين اهم ليکيا وڃن ٿا.