حڪيم يعقوب ڪوريجو

حڪيم يعقوب ڪوريجو: نامور حڪيم وڏيري يعقوب خان ڪوريجي 1835ع ڌاري ٽلٽي ڀرسان ڳوٺ احمد ڪوريجي، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو. حڪيم يعقوب پنهنجي زماني جي طبيبن ۾ سرتاج هوندو هو، جنهن سبب کيس ’سنڌ جو لقمان‘ سڏيو ويندو هو. هو مريض کي ڏسي مرض جي سڃاڻپ ڪري وٺندو هو. ڪن ماڻهن جي خيال موجب کيس ڪشف حاصل هو. هن جي طبابت کي ڪرامت سان تعبير ڪيو ويندو هو. حڪيم يعقوب پنهنجي قبيلي جو چڱو مڙس ۽ زميندار هو، کيس پنهنجي فن تي ناز هوندو هو، اڪثر ڪري نسخن ۾ سندس لکڻ جو انداز هيئن هو. قرص برائي نفث الدم از مجر بات ارسطو الزمان جالينوس ثاني حڪيم خليفه محمد يعقوب ڪوريجه. روايت آهي ته پاڻ سان منسوب ٿيل خطابن بابت سنڌ جي ناليواري حڪيم سجاول خان چانڊئي پڇيس ته جواب ۾ کيس چيائين ته: ”حڪيم چانڊيا صاحب ارسطو جالينوس، بوعلي سينا ۽ لقمان حڪيم مون کان وڌيڪ ڄاڻندڙ ڪو نه هئا. فرق هي آهي ته هو قدردان ملڪن ۾ ڄاوا ۽ مون بي قدر ماڻهن جي وچ ۾ جنم ورتو آهي.“
محقق پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ۾ حڪيم يعقوب ڪوريجي بابت لکي ٿو ته: ”هڪ دفعي حڪيم يعقوب خان ڪوريجو ڪراچيءَ مان ريل گاڏيءَ تي چڙهيو ۽ هڪڙو مشهور انگريز ڊاڪٽر به انهيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهيو، جڏهن گاڏي جهمپير اسٽيشن وٽ پهتي ته انگريز ڊاڪٽر اسٽيشن تي چهل قدميءَ واسطي گاڏيءَ مان هيٺ لهي گهمڻ لڳو، حڪيم صاحب جي نظر ڊاڪٽر صاحب تي پئي ته ماڻهن کان پڇيائين ته اهو انگريز گورو ڪهڙو آفيسر آهي. ماڻهن ٻڌايس ته اهو ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ وڏو ڊاڪٽر آهي. حڪيم صاحب چوڻ لڳو ته ڊاڪٽر صاحب مري ويو آهي، گهمي ڪيئن ٿو” قدرت جي ڳالهه پنج منٽ کن گذريا ته ڊاڪٽر صاحب اسٽيشن تي هلندي گهمندي اتي ئي ڪري پيو ۽ مري ويو، ماڻهو حيران ٿي ويا.“
حڪيم يعقوب ڪوريجي کي نرينو اولاد ڪو نه ٿيو. ٻن نياڻين جو اولاد هئس، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ وفات ڪري ويون. سنڌ جا امير توڙي غريب وٽانئس علاج ڪرائيندا هئا، پاڻ عورتن جي هٿن جي ڪارائيءَ ۾ سڳو ٻڌي ان سڳي تي هٿ رکي بيماري سڃاڻي علاج ڏيندو هو. حڪيم يعقوب نامور حڪيم سجاول خان چانڊئي جو ويجهو دوست ۽ سندس همعصر هو، هن نواب غيبي خان چانڊئي ۽ سردار غيبي محمد خان چانڊئي جو علاج ڪيو. روايت آهي ته حڪيم يعقوب 1893ع ڌاري سردار غيبي محمد خان جي علاج واسطي غيبي ديري ۾ ترسيل هو. رات جو هڪ خواب لڌائين، جنهن ۾ ذڪر ڪندي پنهنجي حڪيم دوست سجاول چانڊئي کي ٻڌايائين ته اوهان جو سردار محمد خان ۽ سندس وڏو پٽ ويجهي عزيز هٿان قتل ٿيندا. سردار جي حويليءَ ۾ روڄ راڙو ٿيندو ۽ قاتل ٿوريءَ دير اندر ڦاسي چڙهندو، ڪجهه وقت بعد وري اوهان جي نئين سردار جو بخت بالا ٿيندو. سندس اها پيشن گوئي 04 مئي 1893ع تي پوري ٿي ۽ سردار محمد خان جي ڀاءُ واحد علي خان ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ جلد ئي پوءِ واحد عليءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. هن روايت جو ذڪر ’نواب سرغيبي خان چانڊيو‘ ڪتاب ۾ حڪيم خليفي عبدالحميد خان چانڊئي ڪيو آهي ۽ ساڳي روايت جو ذڪرتاريخ سنڌ ساگر‘ ڪتاب ۾ نامور محقق حافظ عبدالستار ڪوريجي پڻ ڪيو آهي. ان کان علاوه حڪيم يعقوب ڪوريجي جو ذڪر ڪتاب ’منهنجو وطن منهنجا ماڻهو‘ ۾ مصنف لوڪرام ڏوڏيجا پڻ ڪيو آهي. هن 1898ع ڌاري وفات ڪئي. سندس ٻه بياض خوشخط قلمي نسخن سان شمسي دواخاني جي مالڪ حڪيم شمس الدين وٽ پيل هئا، جيڪي اڄڪلهه ناياب آهن. حڪيم يعقوب ڪوريجي جي آخري آرامگاهه ٽلٽي قبرستان ۾ سندس خاندان جي هڪ بزرگ سندو سوائي ڪوريجي جي ڀر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو