حڪيم پير عبدالحليم ثاني: هيءُ نوشهري فيروز جو مشھور حڪيم ٿي گذريو آهي. سندس تعلق نوشهري فيروز جي انصاري بزرگن سان هو . سندس والد جو نالو پير صفي ﷲ ”عاشق“ هو. هن 1875ع ڌاري نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنھنجي ڏاڏي جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. علمِ طب سندس خانداني پيشو هو. علمِ نفسيات جو ماهر هو. سندن دواخانو هميشہ مريضن سان ڀريل رهندو هو. 5 مارچ 1965ع تي وفات ڪيائين. سندس پونئيرن مان پير شھاب الدين ثاني ۽ پير انور شاھہ نوشهري فيروز ۾ پنهنجو دواخانو هلائي رهيا آهن.