خاتمي، سيد محمد

خاتمي، سيد محمد

خاتمي سيد محمد

خاتمي، سيد محمد: سيد محمد خاتمي، اسلامي جمهوريه ايران جو پنجون صدر ٿي گذريو آهي. هيءُ ايران جو وڏو عالم، اسڪالر ۽ سياستدان آهي. هن ايران جي صوبي يزد جي شھر ارداڪان
(Ardakan) ۾ آڪٽوبر 1943ع ڌاري جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ديني تعليم 1961ع تائين قُم شھر ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اصفهان يونيورسٽيءَ مان
’ويسٽرن فلاسافي‘ ۾ بي. اي ڪيائين ۽ پوءِ تھران يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشنل سائنس ۾ ايم. اي ڪيائين، جنهن بعد رهيل ديني تعليم لاءِ ست سال قُم شھر ۾ پڙهيو، جتي هن اعليٰ تعليم جا ڪورس مڪمل ڪيا. ان بعد هو جرمنيءَ جي شھر هئمبرگ ويو، جتي اسلامڪ سينٽر جو ايراني انقلاب تائين چيئرمئن رهيو. ايران جي اسلامي انقلاب جي شروعاتي سالن ۾ يزد شھر جي وڏي مسجد جو خطيب رهيو، جتي هو هر جمعي نماز تي خطبو ڏيندو هو. سيد محمد خاتمي ٻہ ڀيرا ايران جو صدر: پهريون ڀيرو 1997ع ۾ 70 سيڪڙو ووٽ کڻي۽ ٻيو ڀيرو 2001ع ۾ 78 سيڪڙو ووٽ کڻي چونڊيو ويو. کيس ايراني عورتن ۽ نوجوانن وڌ ۾ وڌ ووٽ ڏنا، محمد خاتمي 1980ع کان 1990ع تائين ايران جو وزير ثقافت رهيو. ايران جي صدر ٿيڻ کان اڳ محمد خاتمي ايران جي پارليامينٽ جو ميمبر، ’ڪيهان‘ اخبار جي اداري ’ڪيهان انسٽيٽيوٽ‘ جو سپروائيزر ۽ ايران جي قومي لائبريريءَ جو 1992ع کان 1997ع تائين سربراھہ ٿي رهيو. هي 1992ع کان 1997ع تائين ’سپريم ڪائونسل آف ڪلچرل ريووليوشن‘ جو ميمبر بہ رهيو. سيد محمد خاتمي آگسٽ 1997ع کان آگسٽ 2003ع تائين ايران جو صدر رهيو. کيس ايران جو پهريون اصلاح پسند صدر ڪوٺيو ويندو آهي. سندس صدارت وارن ڏينهن ۾ ايران جي خارجہ پاليسيءَ، ٽڪراءَ (Confrontation) واري صورتحال مان نڪري مفاهمت(Conciliation) ۾ داخل ٿي. محمد خاتمي وڏو محقق بہ آهي، سندس تحقيق جو مکيہ موضوع ’سياسي فلسفو‘ رهيو آهي. مشھور سياسي فلاسافر چواد طابائي سندس استاد رهيو آهي. خاتمي پاڻ بہ تربيت مدارس يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل فلاسافي جو استاد رهيو، جنهن مضمون تي 1999ع ۾ سندس ڪتاب پڻ ڇپيو. فارسيءَ کان سواءِ عربي، انگريزي ۽ جرمن زبانن جو عالم آهي. مختلف زبانن ۾ سندس ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان سندس انگريزي ڪتاب:
’Islam, Liberty and Development‘ ۽ عربي ڪتاب ’مطالعات في الدين والاسلام والعصر‘ ۽ ’مدينة السياسة‘ مشھور آهن، هن جا ڪيترا فارسي ڪتاب ايران جي تعليمي ادارن ۾ پڙهايا وڃن ٿا، جھڙوڪ: ’بيمِ مـوج‘، ’دنيا از دنيا شھر تا شھر‘ ، ’مردم سالاري‘ (Democracy)، ’گفتگويء تمدنها‘، ’نـامه اي بـرائي فـردا‘، ’زنـان و جـوانـان‘ وغيـره. محـمد خاتمـيءَ جـي شـادي 31 ورهين جي ڄمار ۾، 1974ع دوران موسيٰ الصدر جي ڀاڻيجي زهرى صادقيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس ٻہ ڌيئرون ۽ هڪ پٽ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو