خاتم النبـيــيـن:’خاتم النبيين‘ جو مطلب آهي: سڀني نبين جي مُهر، سمورن نبين جي نبوت تي پنھنجي مھر ثبت ڪندڙ، نبوت جي سلسلي کي ختم ڪندڙ يعني آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم. ’خاتم النبيين‘ قرآن مجيد جي حوالي سان رسول پاڪ جو لقب آهي، جنهن جو مطلب آهي: (1) پاڻ سڳورا اها مُهر آهن، جنهن سان ٻين نبين جي نبوت جي تصديق ٿئي ٿي، (2) ٻيا نبي مُنڊيءَ جي مثال آهن ۽ پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن ان منڊيءَ جي ٽِڪ آهن، (3) پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن نبوت جي سلسلي جا آخري نبي آهن ۽ کانئن پوءِ ٻيو ڪو بہ نبي نہ ايندو. سندن نبوت قيامت تائين سموريءَ ڪائنات لاءِ ثابت ۽ قائم آهي.