خادم حسين ابڙو

خادم حسين ابڙو

خادم حسين ابڙو

خادم حسين ابڙو: شاعر، اديب ۽ قانوندان، خادم حسين ولد الهورايو ابڙو، 10 فبروري 1938ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. 1953ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. 1956ع ۾ مئٽرڪ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ 1964ع ۾ بي. ڪام جي ڊگري ورتائين. 1953ع کان 1955ع تائين موري ۾ سنڌيءَ جو استاد ٿي رهيو. ان بعد چار سـال کن پي. ڊبـلـيـو. ڊي ايـريگيـشـن ۾ ڪلارڪ رهيو، 1961ع کان 1963ع تائين تعليمي بورد حيدرآباد ۾ ملازمت ڪيائين، ڪجهه مهينا روزاني اخبار ’خادم وطن‘ ۾ اڪائونٽنٽ ٿي رهيو، ان کانپوءِ سال کن سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ پراجيڪٽ ۾ اڪائونٽ اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيائين. هن پنهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالمؤمن کان هوميوپيٿي علاج جي سکيا به ورتي ۽ سٺو حڪيم پڻ آهي. خادم حسين ابڙو، 1969ع کان 1975ع تائين پاڪستان مشين ٽول فـيڪـٽـريءَ ۾ آفيـسـر رهـيـو، ٻـه سـال کـن شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل ملز ۾ اڪـائونٽس اسسٽنٽ رهيو. انهيءَ عرصي ۾ هـن ايـل. ايـل. بي به ڪـري ورتي هئي، ۽ 1979ع کان اڄ تائين وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ سنڌ جو ناميارو قانوندان آهي. سندس قابليت کي آڏو رکندي، سنڌ سرڪار کيس 1997ع ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڪري رکيو.
خادم حسين ابڙو بهترين ليکڪ ۽ سٺو شاعر آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’جالِڻ جهانگين ساڻُ‘ 2010ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي مهاڳ ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا واقعا ۽ مشاهدا نهايت بيباڪيءَ سان لکيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.02.10  عيسوي

شاعر، اديب ۽ قانوندان، خادم حسين ولد الهورايو ابڙو، 10 فبروري 1938ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوي سيد علي مدد شاهه
خطائي ٿيٻو
ارشد هالائي
ميان قائم الدين فقير شر
محمد روشن ٺٽوي
پرويز سجاد حيدر
اطهر منگي
عـاشـق عـارباڻـي
اسد چاچڙ
سيد علي اڪبر شاهه ثاني
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون