خادم حسين ديوانو

خادم حسين ’ديوانو‘ (راڳي): ناليواري راڳي خادم حسين ولد مولاداد پٺاڻ، پهرين آڪٽوبر 1953ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. سموري تعليم جيڪب آباد جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪيائين. گهڻو پوءِ هن 1995ع ڌاري ايم. اي (سياسيات) ڪيائين. خادم حسين ’ديوانو‘ 18 جون 1975ع تي تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. هيءُ نامياري فنڪار استاد ارباب خان کوسي جو شاگرد رهيو آهي. نوجوانيءَ ۾ ’ديوانو‘ تخلص اختيار ڪندي ڳائڻ ۽ وڄائڻ سان گڏ فنڪاري به شروع ڪيائين ۽ ايترو ته نالو ڪڍيائين، جو سنڌ بلوچستان توڙي پنجاب ۾ به پروگرام ملڻ لڳس. هي سنڌي، سرائيڪي، براهوي، پنجابي ۽ اردوءَ ۾ ڪوئٽا، لاهور ۽ اسلام آباد ٽي وي جا پروگرام به ڪرڻ لڳو. ٽي وي کان سواءِ خادم حسين اسٽيج تي به ڳائي ۽ باجو وڄائي ٿو. سٺو فنڪار ۽ شاعر آهي، کيس 1986ع ۾ جڏهن عبدالحميد آخوند، سيڪريٽري ثقافت هو، شاهه لطيف اوارڊ به مليو. جشن لطيف جي هڪ پروگرام ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزير اعليٰ سيد غوث علي شاهه طرفان کيس 5000 رپين جو انعام ڏنو ويو. استاد ارباب خان کوسي جي اعزاز ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي فنڪارن طرفان سبيءَ ۾ خادم ’ديواني‘ کي سونو ٻلو انعام طور ڏنو ويو. سندس ڳايل ڪلامن (سرائيڪي ۽ سنڌيءَ) جون 15 کان 20 ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون آهن. درزڪو ڪم به ڄاڻي، مشين تي ڪشيده ڪاريءَ جو بهترين ڪاريگر آهي ۽ جيڪب آباد ۾ رهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.10.01  عيسوي

ناليواري راڳي خادم حسين ولد مولاداد پٺاڻ، پهرين آڪٽوبر 1953ع تي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.


1975.06.18  عيسوي

خادم حسين ’ديوانو‘ 18 جون 1975ع تي تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڍول فقير
سيد نور شاهه 2
شهنيلا علي
اداسي الهبچايو زنئور
ڊگامبر وشنو پولاسڪر
حيدر علي
سيال خادم حسين
شازيه خشڪ
عرس چانڊيو
اميد علي شاهه
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون