خادم حسين شاهه

خادم حسين شاهه

خادم حسين شاھہ

خادم حسين شاھہ: شاعر ۽ سماجي خدمتگار خادم حسين شاھہ، 11 جنوري 1932ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1954ع ۾، بي اي 1958ع ۾، ۽ ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1971ع ۾ پاس ڪيائين. هيءُ ’تحريڪ نفاذ فقہ جعفريه‘ ۽ ’وفاقي شيعا حيدر قرار‘ مذهبي جماعتن جو ضلعي صدر بہ رهيو آهي. خادم حسين شاھہ سياست جي شروعات خاڪسار تحريڪ کان ڪئي. ڪنوينشن مسلم ليگ ۾ بہ ڪم ڪيائين، بعد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو 1968ع ۾ باني ميمبر ۽ لاڙڪاڻي شھر جو صدر بہ رهيو. شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان سندس گهڻي ويجهڙائپ هئڻ سبب 1973ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جـي حـڪـومت اچـڻ بـعـد ’پاڪستان نيشنل سينٽر‘ جو بنياد وڌائين ۽ لاڙڪاڻي جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد کيس سال 1978ع ۾ سکر بدلي ڪيو ويو تہ نوڪري تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين. سندس ئي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ ’سنڌي ادبي اڪيڊمي‘ نالي هڪ ادارو قائم ٿيو، جنهن جو ڊائريڪٽر جنرل ٿيو. هن اداري ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا.
خادم حسين ادبي، سماجي، ثقافتي اداري ’سڄڻن جي سنگت‘ جو صدر بہ رهيو. ان پليٽ فارم تان ٻوليءَ ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ڪيترائي سيمينار ڪرايائين. جڏهن 1954ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، لاڙڪاڻي جو بنياد پيو، تہ خادم حسين شاھہ ان جو ٻيو سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن پير پاڳاري، پير علي گوهر شاھہ ’اصغر‘ بابت هڪ ڪتاب لکي ’سوانح اصغر‘ شايع ڪرايو. وفات کان اڳ ’ديوان اصغر‘ بہ ترتيب ڏنائين. سيد خادم حسين شاھہ، 13 سيپٽمبر 1982ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ خادم حسين شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.01.11  عيسوي

شاعر ۽ سماجي خدمتگار خادم حسين شاهه، 11 جنوري 1932ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


1982.09.13  عيسوي

سيد خادم حسين شاهه، 13 سيپٽمبر 1982ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سائر مزمل هاليپوٽو
امين ٿيٻو
رشيد احمد لاشاري
دائم فقير
الطاف حسين حالي
صالح راڄپر وفا
غالب مرزا اسدالله خان
سيد غلام محمد شاھہ گدا
چانڊيو عاشق
خليفو غلام نبي لغاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون