خادم حسين شاھہ نقوي: خادم حسين شاھہ نقوي، اهل تشيعت جو هڪ اهم عالم ۽ مفتي ٿي گذريو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ، پنھنجي تحقيقي ڪتاب ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ ۾ ڄاڻايو آهي تہ: ”سيد خادم حسين شاھہ نقوي، ديري غازي خان جي نقوي ساداتن مان هو ۽ خيرپور رياست جي مفتي سيد قاسم علي شاھہ جي وفات کان پوءِ مير امام بخش خان ٽالپر جي دعوت تي 1914ع ۾ خيرپور رياست ۾ اچي مقيم ٿيو ۽ 1916ع ۾ خيرپور رياست جو مفتي بڻيو.“
سيد خادم حسين شاھہ نقوي پنھنجي وقت جو پرهيزگار عالم هو. هن کي فقھہ جعفريه جي فقهي مسئلن بابت وڏي ڄاڻ حاصل هئي. هن خيرپور رياست ۾ اهل تشيعت جي مسلڪ کي ترقي وٺرائي ۽ وعظ جون مجلسون مرتب ڪيون. عزاداريءَ جي حوالي سان خيرپور رياست ۾ سندس وڏي ڌاڪ ۽ هاڪ رهي. سيد خادم حسين شاھہ نقويءَ فقھہ جعفريه بابت ڪجهہ رسالا بہ شايع ڪيا، جيڪي ان وقت ڏاڍا مشھور ٿيا. خليق ۽ روادار شخص هو. سندس علمي درجي سبب کيس اهلسنت وارا بہ اهميت ڏيندا هئا. هن جي علم مان ڪافي ماڻهن فيض پرايو. شاھہ صاحب عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن تي وڏي دسترس رکندو هو. سڄي زندگي درس ۽ تدريس ۾ گذاريائين. 1946ع ۾ وفات ڪيائين. خادم حسين شاھہ نقويءَ کي باقر شاھہ، طاهر شاھہ ۽ صابر شاھہ نالي ٽي پٽ ٿيا، جن مان سيد باقر شاھہ بہ پيءُ وانگر عالم ثابت ٿيو.