خادم رفيقي

خادم رفيقي

خادم رفيقي

خادم رفيقي: مشهور شاعر خادم رفيقي مهيسر، 10 جون 1932ع تي ڳوٺ رفيق مهيسر، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. وقت جو اهم اديب، شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. فائنل جو امتحان پاس ڪري پرائمري استاد مقرر ٿيو. سندس لاڙو ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ ڏانهن هو. هن جو واسطو قادرالڪلام شاعر سليم ڳاڙهويءَ سان ٿيو ۽ ان جي صحبت ۾ نظم جي صنف تي وڏو ملڪو حاصل ڪيائين. خادم رفيقي ادبي زندگيءَ ۾ ڪافي لکيو. هن حمد، نعت، گيت، غزل ۽ وطن جا گيت وڏي تعداد ۾ لکيا. سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ فارسيءَ ۾ به شاعري ڪندو هو. مهيسر خادم رفيقيءَ جي شاعري ۽ مضمون ٽماهي مهراڻ ۽ ماهوار نئين زندگي رسالن ۾ ڇپيل آهن. آخري دم تائين مختلف اخبارن نواءِ وقت، الوحيد، مهراڻ وغيره سان وابسته رهيو. پير ڳوٺ ۾ ’بزم سليم‘ قائم ڪري ان پاران ڪيترا ادبي پروگرام ڪرايائين.
خادم رفيقي مهيسر، 25 نومبر 1996ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ خادم رفيقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.06.10  عيسوي

مشهور شاعر خادم رفيقي مهيسر، 10 جون 1932ع تي ڳوٺ رفيق مهيسر، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.


1996.11.25  عيسوي

خادم رفيقي مهيسر، 25 نومبر 1996ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راهي رسول بخش
سلطان شاهه:
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ
حڪيم محمد صادق طالب
ٻڍڙو فقير
درگاهي ميراڻي
خطائي ٿيٻو
ارجن حاسد
حسين شاهه شرف
عبداللطيف قيصر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون