خاصخيلي (ذات): خاصخيلي، ٻن لفظن: ’خاص + خيل‘ جي ميلاپ مان جڙيو آهي، جنهن جي هڪ معنيٰ ’خاص گهوڙي سوار‘ چئي وڃي ٿي، ڇو ته عربيءَ ۾ گهوڙي کي ’خيل‘ چوندا آهن. رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ ’تاريخ خاصخيليءَ‘ ۾ لکيو آهي ته: خاصخيلي اصل عرب آهن، جيڪي عمان کان نڪري پهريان مڪران ۽ پوءِ لسٻيلي ۾ سڪونت پذير ٿيا، سندن شمار عرب المستعربه سان ٿئي ٿو، جڏهن ته ’تاريخ فرشته‘ (جلد اول) ۾ خاص خيل، لوڌين جا قريب ۽ طبقات اڪبري جلد ٻئي ۽ آئين اڪبري جلد پهرئين موجب خاص خيلين کي ٻاهران آيل ۽ افغان ڄاڻايو ويو آهي. هي خاص حفاظتي دستو هوندوهو. ڪي افغان ذاتيون به ’خيلي‘ لفظ استعمال ڪن ٿيون، جيئن دائود خيل، سليمان خيل، آدم خيل يا عيسيٰ خيل وغيره. مولائي شيدائيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اسلامي لشڪر جي سپهه سالار حضرت سعد بن ابي وقاص، خاص خيل فوج کي ڪوفي جي ڇانوڻيءَ ۾ مقررڪيو هو.“
خاص خيلي قبيلو سنڌ سميت عربستان، مصر، هندستان ۽ ملڪ جي ڪيترن هنڌن تي آباد آهي. مغل ۽ سنڌ جا ٻيا حاڪم به پنهنجيءَ حفاظت لاءِ ’خاص خيل‘ فوجي دستا مقرر ڪندا هئا. ٽالپرن جي دؤر ۾ به خاصخيلي جنگجو ۽ بهادرن جي حيثيت ۾، حڪمرانن سان گڏ حرم سراءِ جا نگهبان رهيا آهن، جنهنڪري راڄ ۾ سندن عزت هئي ۽ منجهانئن ڪي خاص وزير به بڻيا. ڪتاب ’تاريخ خاص خيلي‘ مرتب ملڪ محسن خاصخيليءَ جي لکڻ موجب خاص خيل فوج، قنوج جو قلعو فتح ڪرڻ ۾ سلطان محمود عزنويءَ جي وڏي مدد ڪئي هئي، وڏي تعداد ۾ خاص خيل لشڪر جڏهن سلطان جي فوج سان گڏ قنوج پهتو ته اتان جو ’راجا ڪورهه‘ حشمت ۽ شوڪت ڏسي دهلجي ويو ۽ قاصد موڪلي اطاعت جو اظهار ڪيائين.“ وڪيپيڊيا موجب خاص خيل قبيلو عربن سان سنڌ ۾ گڏجي آيو هو. خاصخيلين ٽالپرن جي ڪمان هيٺ انگريزن سان جنگ ڪئي هئي ۽ جڏهن ٽالپر دور جو خاتمو ٿيو ته خاصخيلي پير صاحب پاڳاري جا مددگار ٿي وڙهندا رهيا.
هن وقت خاص خيلي قبيلو وڏي تعداد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد آهي. سجاول شهر جو نالو به سجاول خاصخيليءَ جي پٺيان پيل آهي. حر تحريڪ جو بهادر گوريلو بچو بادشاهه به خاصخيلي هو. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڳڻڻ جهڙا نالا ٿي گذريا آهن. ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ موجب هن قبيلي جا ڪيترا پاڙا آهن، جن ۾: خوشحالاڻي، شابراڻي، سارنگاني، گلاباني، مراداڻي، ملڪ، مومن، ڪلاتي، لاسي، طالباڻي، دولاڻي، ميواڻي، رنکاڻي وغيره آهن.