خاصخيلي حسيب

خاصخيلي، حسيب: ملھہ پهلوان حسيب ولد قائم خاصخيلي، ضلعي عمرڪوٽ جي شھر صوفي فقير جو رهاڪو هو. سنڌ جي سمورن ميلن ۾ ملھہ جي مقابلن ۾ کيڏي، ٻئي جوڙ جي وڏن پهلوانن ۾ شمار ٿيو. هن پهلوان کي ’ڪمدار‘ نالي سان شھرت حاصل هئي. 90 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، سندس آخري آرامگاھہ صوفي صادق فقير سومري جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو