خاصخيلي، ذوالفقار علي

خاصخيلي، ذوالفقار علي

خاصخيلي ذوالفقار علي

خاصخيلي، ذوالفقار علي (راڳي): ذوالفقار علي ولد فقير الھڏنو خاصخيلي، ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾، 5 آگسٽ 1974ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ڳوٺ مبارڪ جروار هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان پاس ڪيائين. ذوالفقار جو والد فقير الھڏنو مشھور صوفي راڳي آهي. سندس اوطاقي ماحول ۾ رهندي ذوالفقار عليءَ کي بہ اهو شوق جاڳيو، نيٺ پنھنجي والد کان راڳ جي سکيا ورتائين. ذوالفقار علي پهريان پي ٽي وي تان نعت شريف پڙهڻ سان شروعات ڪئي ۽ پوءِ پروڊيوسر نعيم بلوچ پروگرام ’سنڌ سڀيتا‘ ۾ ۽ پروڊيوسر قربان چنا کيس پروگرام ’لوڪ رنگ‘ ۾ متعارف ڪرايو. ذوالفقار عليءَ جا ٻہ آڊيو البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن، جيڪي ٿر پروڊڪشن ڪمپنيءَ رڪارڊ ڪيا آهن. کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سيد مرتضيٰ شاھہ ڏاڏائي ۽ نصير مرزا متعارف ڪرايو. هيءُ مختلف پروگرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. هن فنڪار مختصر ڄمار ۾ جشن لطيف اوارڊ، مصري شاھہ امام اوارڊ ۽ گاجيلي شريف جي درگاھہ جو اوارڊ ۽ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن. شاھہ لطيف، سچل سرمست، مصري فقير، نواب ولي محمد لغاري، احمد فقير کٽياڻ، منٺار راڄڙ ۽ ٻڍل فقير کان سواءِ جديد شاعرن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، مرتضيٰ ڏاڏاهي، حليم باغي، مانجهي ۽ ٻين شاعرن کي ڳائي داد ماڻي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.08.05  عيسوي

ذوالفقار علي ولد فقير الهڏنو خاصخيلي، ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾، 5 آگسٽ 1974ع تي جنم ورتو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڌائي الهوڌائي
خادم حسين سمو
استاد ارباب علي کوسو
شفيع محمد جمن
شير شاھہ
استاد امير خان
رفيع
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
طاهرہ سيد
سجاد يوسف
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون