خاصخيلي غلام حسين ملھہ

خاصخيلي، غلام حسين (ملھہ): نامور ملھہ پهلوان غلام حسين ولد يوسف خاصخيلي، شھر صوفي فقير، تعلقي عمرڪوٽ جو ويٺل آهي. سڄيءَ سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهندو رهيو آهي. هن احمد مري، ساجن مري، سيد جانب علي شاھہ، جمن ڪالري، رحيم بخش ۽ لاڙ جي مشھور ملھہ ۽ دادلي شيديءَ سان زبردست مقابلا ڪري پاڻ کي ٻي جوڙ جي ڪامياب ملھہ مڃائڻ کان پوءِ هن لڳاتار ملھہ جا مقابلا ڪري پاڻ کي پهرئين جوڙ ۾ پھچايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو