خاصخيلي، محمد ابراهيم: ناليوارو فنڪار محمد ابراهيم ولد اڱارو خان خاصخيلي تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. هن کي ننڍي هوندي کان ئي ساز آواز سان بيحد دلچسپي هئي، هر هفتي جمعي جي رات نٿو شاھہ بخاريءَ جي درگاھہ تي راڳ ڳائيندو هو. سندس استاد سنڌ جو مشھور راڳي استاد محمد يوسف هو، جنهن کيس پنھنجي شاگرديءَ ۾ راڳ سيکاريو. هن وقت تائين سندس 100 کن ڪيسٽون مختلف ڪمپنين رڪارڊ ڪيون آهن، ان کانسواءِ ريڊيو ۽ ٽي وي تي بہ پروگرام ڪندو رهي ٿو.