
خاصخيلي، يڪو ملهه
خاصخيلي، يڪو (ملھہ): نالي واري ملھہ پهلوان يڪي خاصخيلي، ڪوٽ غلام محمد، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. پوءِ سندس مائٽ اتان لڏي وڃي ٽنڊي غلام عليءَ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ آباد ٿيا. کيس ننڍي هوندي کان ئي ملھہ جو شوق هوندو هو، تنهنڪري ننگرپارڪر جي مشھور پهلوان سانوڻ خان چانڊيي کان ملھہ جي باقاعدي سکيا ورتائين. استاد سانوڻ خان کيس ٿوري عرصي ۾ ملھہ جا سڀ انگ سيکاري شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ کيس ملاکڙن ۾ ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. ٽئين جوڙ ۾ ڏيڍ سال وڙهڻ کانپوءِ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ڪري ٻئين جوڙ ۾ شامل ٿيو. ٻئين جوڙ ۾ پهچڻ کانپوءِ هن سڄي سنڌ جي ملاکڙن ۾ شرڪت ڪري مشھور پهلوانن سان مقابلا ڪري سرسي حاصل ڪئي. ڏيڍ سال بعد ترقي ماڻي پهرئين جوڙ ۾ شامل ٿيو. پهرئين جوڙ ۾ اچڻ کانپوءِ هن کي وڏن وڏن ملھہ پهلوانن سان مقابلا ڪرڻا پيا، هميشہ کيس ڪاميابي نصيب ٿي. ميرپور خاص جي هڪ ملاکڙي ۾ ڪشتي جي مشھور پهلوان اڪرم کي شڪست ڏيڻ ڪري، ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر پاران کيس سورنهن ايڪڙ زمين انعام ۾ ملي. هو لاڳيتو ٻارهن سال ملھہ وڙهيو. ان بعد گوڏي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏنائين. 1974ع ڌاري 35 سالن جي عمر ۾ پنھنجي ذات وارن جي هٿان ذاتي دشمنيءَ سبب کيس قتل ڪيو ويو.