خافي خان: خافي خان، مغل دور جو نامور تاريخدان ۽ محقق هو. هن تيموري خاندان جي تاريخ ’منتخب اللباب‘ ۾ قلمبند ڪئي. هن تذڪري ۾ سنڌ جي ارغون ۽ ترخانن حڪمرانن ۽ مغل اميرن جو بہ تفصيلي ذڪر موجود آهي. ’منتخب اللباب‘ فارسي تذڪري جو اردوءَ ترجمو ويجهڙائيءَ ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو آهي. هي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ آهي. خافي خان جو اصل نالو محمد هاشم نظام الملڪي هو ۽ کيس خافي/ خوافي خان جو لقب بادشاھہ محمد شاھہ ڏنو هو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي تہ هن جو تعلق خاف شھر جي هڪ قبيلي سان هئڻ ڪري خافي سڏبو هو. خاف، اڀرندي ايران جو هڪ ضلعو آهي. خافي خان، خواجہ مير جو پٽ هو، جيڪو شاھجھان بادشاھہ جي پٽ مراد بخش جو هڪ رازدار ملازم هو. هن جي ولادت جي تاريخ ۽ هنڌ معلوم نہ آهن، پر اها ڳالھہ يقيني آهي تہ سندس پيدائش هندستان ۾ ٿي هئي. تاريخي حالتن جي اندازي سان چئي سگهجي ٿو تہ سندس ولادت 1664ع ڌاري ٿي هوندي. هن اورنگزيب، بھادر شاھہ ۽ محمد شاھہ جي دؤرن ۾ دکن ۽ گجرات ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ ڪافي عرصي تائين سورت ۽ احمد آباد ۾ بہ رهيو. بھادر شاھہ جي حڪومت جي ابتدا ۾ هي ڪمپانير جو گورنر هو. زندگيءَ جا آخري ڏينهن آصف جاھہ نظام الملڪ جي ملازمت ۾ بسر ڪيائين، انهيءَ ڪري سندس’نظام الملڪي‘ لقب بہ مشھور آهي. خافي خان جي وفات جي بہ تاريخ نہ ٿي ملي، پر ڪن مورخن اندازي تي سندس وفات جو سال 1753ع ڄاڻايو آهي.