خاقان

خاقان: ترڪيءَ جو شاهي لقب، جيڪو ڇهين صدي عيسويءَ ۾ حڪمران اختيار ڪندا هئا. هن لقب جو مفهوم آهي ’خانن جو خان‘. شهنشاھہ خاقان‘ کي اڃا تائين ترڪيءَ جو قومي خطاب سمجهيو وڃي ٿو. ايران جي بادشاھہ فتح علي شاھہ قاچار جو خطاب ۽ تخلص بہ ’خاقان‘ هو ۽ هن جا سنڌ جي ٽالپر حاڪمن سان دوستاڻا تعلقات هئا.


لفظ خاقانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو