خالد آزاد

خالد آزاد

خالد آزاد

خالد آزاد: شاعر، اديب، ڪھاڻيڪار ۽ ٻاراڻي ادب جي ليکڪ خالد آزاد جو پورو نالو خالد حسين ولد حاجي جڙيو وگهيو آهي. هن پھرين جنوري 1978ع تي مسو ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ جلال وگهيي، تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم مسوڀرڳڙيءَ ۽ مٽياريءَ مان حاصل ڪئي. ايم. اي (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪئي. 2000ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ريسرچر طور ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ ٻارن جي ادب بابت صلاحڪار ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ پوءِ 2001ع ۾ ’ٻارن جي ادب‘ شعبي جو انچارج مقرر ٿيو. بعد ۾ پبليڪيشن شعبي ۾ ايڊيٽر، پبليڪيشن آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (پبليڪيشن) پڻ رهيو. هن لکڻ جي شروعات ٻارن جي رسالي ’ارچڪ مرچڪ‘ کان 1993ع ڌاري ڪئي. سندس شروعاتي ڪھاڻيون ۽ شعر ماهوار ’ڪينجهر‘، ’عبرت مئگزين‘، روزانه ’بختور‘ ۽ ماهوار ’ادب‘ ۾ شايع ٿيا. 1995ع کان 2000ع تائين ٻارن جي رسالن: ’گلستان‘، ’سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن‘ ۽ ٻارڙن جي اخبار ’سنڌ سرهاڻ‘ ۾ سب ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. سنڌي اخبارن: ’عبرت‘ ۽ ’پاڪ‘ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ سان گڏ ٻارن جي ماهوار رسالن: ’گلڙا‘، ’نٽ کٽ‘، ’ساٿي‘، ’گل ڦل‘ وغيره جي ايڊيٽوريل بورڊن جو ميمبر ۽ ٻارن جي مشھور رسالي ”ادا سائين“ جو ايڊيٽر به رهيو آهي. کيس 2009ع ۾ ٻارن جي ادب تي ڪم ڪندڙ بين الاقوامي اداري ”انٽرنيشنل ريسرچ سوسائٽي فار چلڊرين لٽريچر“ جو پاڪستان ۾ اعزازي ميمبر مقرر ڪيو ويو. هن دعوة اڪيڊمي اسلام آباد، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي، ملير اسٽوڊنٽس فورم ڪراچي ۽ ٻين ادارن جي ڪانفرنسن ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪري، ٻاراڻي ادب تي مقالا پڙهيا ۽ ليڪچر ڏنا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ خدمتن عيوض کيس دعوة اڪيڊمي اسلام آباد، ’نشان اعزاز‘ سان گڏ سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور، سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت، نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن، ماهوار ساٿي، روشن دنيا ٻالڪ سنگت، هيومن ڊيولپمينٽ ائسوسيئيشن ملير، اسٽوڊنٽس اينڊ رائيٽرز فورم ڪراچي، مونو پبلڪ انگلش هاءِ اسڪول حيدرآباد، پيرل قمبر ادبي سنگت شھدادڪوٽ، فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي ۽ ٻين ادارن کان مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن. ٻاراڻي ادب بابت ڇپيل سندس ڪتابن ۾: ’جيجل جي هنج ۾‘ (ڪھاڻيون: 2001ع)، ’جانورن جو بادشاهه‘ (خير محمد بلوچ سان گڏ ترجمو: 2001ع)، ’ڏاها ڀائر‘ (ترتيب:2001ع)، ’سج اڀرڻ کان پوءِ‘ (ناول: 2005ع) ۽ ‘سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ’ (تحقيق 3 جلد، 2016ع) شامل آهن. ان کان سواءِ ’انگريزي- سنڌي دفتري لغت‘ (خان محمد جروار سان گڏ ترتيب) سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، 2009ع ۾ شايع ڪئي آهي. ان کانسواءِ هن تنقيدي ۽ تحقيقي مقالا به لکيا آهن. 11-2010ع دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جو سيڪيريٽري پڻ رهيو. هن وقت سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڄامشوري ۾ پبليڪيشن آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ خالد آزادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.01.01  عيسوي

خالد آزاد، پهرين جنوري 1978ع، مسو ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ جلال وگهيي، تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهادر ٽالپر
غلام مصطفيٰ ڀنڀرو
اڪرم قمبراڻي
راشدي مهتاب اڪبر
اشفاق لغاري
عبدالحق مولوي
پرسو جي گدواڻي ڊاڪٽر
صبيحا نذير مگسي
شيخ محمد اسماعيل
ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون