خالد بن عبدالعزيز

خالد بن عبدالعزيز

خالد بن عبدالعزيز

خالد بن عبدالعزيز: سعودي عرب جو مشهور بادشاهه، بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز، سعودي عرب جي ابن سعود خاندان جي بادشاهت واري جي ٽئين دور جو چوٿون بادشاهه ٿي گذريو آهي. عربستان جو ابن سعود خاندان، اصل ۾ رياض جو رهواسي هو. هن خاندان جي باني محمد بن سعود جو سالخ نالي قبيلي سان واسطو هو، هي قبيلو عربستان جي هڪ تمام وڏي قبائلي گروهه بنو عشرة سان تعلق رکندو هو. هن خاندان جي باني محمد جو والد سعود، ٻارهين صديءَ عيسويءَ ۾ رياست درعية جو حڪمران رهيو هو.
خالد بن عبدالعزيز جو جنم، 13 فيبروري 1913ع تي رياض جي هڪڙي وسنديءَ ۾ ٿيو. سندس والده محترمه جو نالو جاهورا بنت مُحيد هو، جيڪا پڻ سعود قبيلي سان واسطو رکندو هئي.
خالد بن عبدالعزيز کي ننڍيءَ عمر ۾ ئي پنهنجي والد عربستان جي ريگستاني علائقن جي معاملن ۽ فيصلن لاءِ مقرر ڪيو هو. هن والد پاران ڏنل ذميواريون بخوبي نڀايون، جنهنڪري سندس سياسي ۽ حڪومتي حلقن ۾ سندس شهرت تمام گهڻي وڌي وئي. بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز، پنهنجي ڀاءُ شاهه فيصل ۽ سؤٽ شاهه فهد جو وڏو حامي هو. هُن 1934ع ۾ پنهنجي ڀاءُ شاهه فيصل جي نگرانيءَ ۾ يمن خلاف مهم ۾ ڀرپور حصو ورتو. جنهن ڪري کيس ’مين آف سينڊ‘ (Man of Sand) جو لقب ڏنو ويو.
خالد بن عبدالعزيز پنهنجي ڀاءُ شاهه فيصل جي ٻانهن ٻيلي هئڻ ڪري هميشه سرڪاري وفدن ۾ شامل رهندو هو. 1939ع ۾ لنڊن ۾ فلسطين جي مسئلي بابت ڪانفرنس ۾ پڻ شاهه بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز، شاهه فهد سان گڏ شريڪ ٿيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز بيماريءَ جي سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي، ان ڪري سندس حڪومت ۾ اچڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جا امڪان گهٽجي ويا، نه صرف ايترو، پر سياسي ۽ عام حلقن ۾ بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز هڪ غير معروف شخص بنجي ويو، ليڪن 25 مارچ 1975ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل جي مارجي وڃڻ کان پوءِ کيس سعودي عرب جو بادشاهه بڻايو ويو ۽ هن حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون.
خالد بن عبدالعزيز، سعودي عرب کي ماڊرن رياست بنائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن ڪيترا ئي سفارتي وفد ٻاهرينءَ دنيا جي ملڪن ۾ اماڻيا، نه صرف ايترو، پر هن اقوام متحده ۾ پڻ سعودي عرب جي نمائندگي ڪرائي. بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز ملڪ جي پرڏيهي پاليسي، ترقي پسند سوچ جي بنياد تي جوڙي، جنهن سان سندس ملڪ کي تمام گهڻو فائدو پهتو. هن پنهنجي ملڪ ۾ جديد عمارت سازي ۽ مجسمي سازي لاءِ ٻاهرينءَ دنيا مان ڪيترا ڪاريگر ۽ ڄاڻو ماڻهو گهُرايا. جن هن ملڪ ۾ جديد عمارتن جو بنياد وڌو.
خالد بن عبدالعزيز جي وقت ۾، 1975ع ڌاري ابو ظهبي، عمان ۽ سعودي عرب جي سرحدي تڪرارن جي نبيري لاءِ هڪ معاهدو ’البرايمي اوسيئيس‘ نالي سان ٿيو. 1982ع ۾ هن آمريڪا سان هڪ معاهدو ڪري F-15 جهاز پنهنجي ملڪ لاءِ ورتا. هن معاهدي وقت آمريڪا جو صدر جمي ڪارٽر هو، جنهن هن معاهدي تحت 60 جهاز سعودي عرب کي ڏنا. معاهدي موجب سعودي ايئر لائين لاءِ بوئينگ 747 پڻ خريد ڪيا ويا.
خالد بن عبدالعزيز 1973ع کان ملڪ ۾ پيدا ٿيل تيل جي بحران کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ملڪ کي وڏي ترقي وٺرائي بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز پنهنجي جديد پرڏيهي پاليسيءَ هيٺ سعودي عرب ۾ ڪافي تعداد ۾ ٻاهرين ملڪن مان فني ماهر ۽ ڪاريگر گهرائي، وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ صحت جي شعبي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو. 1981ع ۾، بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز گلف مسئلي بابت ڪانفرنس جي صدارت ڪري، مسئلي جي حل لاءِ تمام وڏي ڪوشش ڪئي.
خالد بن عبدالعزيز، اسلام آباد ۾ شاهه فيصل جي نالي ٺهندڙ ’فيصل مسجد‘ جو 12 آڪٽوبر 1976ع تي سنگ بنياد رکيو.
سعودي عرب جي شهنشاهه بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز، 13 جون 1982ع تي دل جي دؤري سبب وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ هن جي نالي سان رياض شهر ۾ ’خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ تعمير ڪرايو ويو، گڏوگڏ ’خالد ملٽري سٽي‘ پڻ ٺاهي وئي.


لفظ خالد بن عبدالعزيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.02.13  عيسوي

خالد بن عبدالعزيز جو جنم، 13 فيبروري 1913ع تي رياض جي هڪڙي وسنديءَ ۾ ٿيو


1975.03.25  عيسوي

خالد بن عبدالعزيز هڪ غير معروف شخص بنجي ويو، ليڪن 25 مارچ 1975ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل جي مارجي وڃڻ کان پوءِ کيس سعودي عرب جو بادشاهه بڻايو ويو ۽ هن حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون.


1976.10.12  عيسوي

خالد بن عبدالعزيز، اسلام آباد ۾ شاهه فيصل جي نالي ٺهندڙ ’فيصل مسجد‘ جو 12 آڪٽوبر 1976ع تي سنگ بنياد رکيو


1982.06.13  عيسوي

سعودي عرب جي شهنشاهه خالد بن عبدالعزيز، 13 جون 1982ع تي دل جي دؤري سبب وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سُهراب ڪائوسجي
ديوان گوبند بخش
قاضي عبدالرسول
سيد صالح محمد شاهه 2
ايس بي جان
اسحاق مڱريو
افروز صديقي
عيسب فقير
عمران مگسي
حافظ محمد نونداڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون