خالد بن عبدالعزيز

خالد بن عبدالعزيز

خالد بن عبدالعزيز

خالد بن عبدالعزيز: سعودي عرب جو مشھور بادشاھہ، بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز، سعودي عرب جي ابن سعود خاندان جي بادشاهت واري جي ٽئين دور جو چوٿون بادشاھہ ٿي گذريو آهي. عربستان جو ابن سعود خاندان، اصل ۾ رياض جو رهواسي هو. هن خاندان جي باني محمد بن سعود جو سالخ نالي قبيلي سان واسطو هو، هي قبيلو عربستان جي هڪ تمام وڏي قبائلي گروھہ بنو عشرة سان تعلق رکندو هو. هن خاندان جي باني محمد جو والد سعود، ٻارهين صديءَ عيسويءَ ۾ رياست درعية جو حڪمران رهيو هو.
خالد بن عبدالعزيز جو جنم، 13 فيبروري 1913ع تي رياض جي هڪڙي وسنديءَ ۾ ٿيو. سندس والدہ محترمہ جو نالو جاهورا بنت مُحيد هو، جيڪا پڻ سعود قبيلي سان واسطو رکندو هئي.
خالد بن عبدالعزيز کي ننڍيءَ عمر ۾ ئي پنھنجي والد عربستان جي ريگستاني علائقن جي معاملن ۽ فيصلن لاءِ مقرر ڪيو هو. هن والد پاران ڏنل ذميواريون بخوبي نڀايون، جنهنڪري سندس سياسي ۽ حڪومتي حلقن ۾ سندس شھرت تمام گهڻي وڌي وئي. بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز، پنھنجي ڀاءُ شاھہ فيصل ۽ سؤٽ شاھہ فھد جو وڏو حامي هو. هُن 1934ع ۾ پنھنجي ڀاءُ شاھہ فيصل جي نگرانيءَ ۾ يمن خلاف مھم ۾ ڀرپور حصو ورتو. جنهن ڪري کيس ’مين آف سينڊ‘ (Man of Sand) جو لقب ڏنو ويو.
خالد بن عبدالعزيز پنھنجي ڀاءُ شاھہ فيصل جي ٻانهن ٻيلي هئڻ ڪري هميشہ سرڪاري وفدن ۾ شامل رهندو هو. 1939ع ۾ لنڊن ۾ فلسطين جي مسئلي بابت ڪانفرنس ۾ پڻ شاھہ بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز، شاھہ فھد سان گڏ شريڪ ٿيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز بيماريءَ جي سياست کان ڪنارہ ڪشي اختيار ڪئي، ان ڪري سندس حڪومت ۾ اچڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جا امڪان گهٽجي ويا، نہ صرف ايترو، پر سياسي ۽ عام حلقن ۾ بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز هڪ غير معروف شخص بنجي ويو، ليڪن 25 مارچ 1975ع تي سعودي عرب جي بادشاھہ شاھہ فيصل جي مارجي وڃڻ کان پوءِ کيس سعودي عرب جو بادشاھہ بڻايو ويو ۽ هن حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون.
خالد بن عبدالعزيز، سعودي عرب کي ماڊرن رياست بنائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن ڪيترا ئي سفارتي وفد ٻاهرينءَ دنيا جي ملڪن ۾ اماڻيا، نہ صرف ايترو، پر هن اقوام متحدہ ۾ پڻ سعودي عرب جي نمائندگي ڪرائي. بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز ملڪ جي پرڏيهي پاليسي، ترقي پسند سوچ جي بنياد تي جوڙي، جنهن سان سندس ملڪ کي تمام گهڻو فائدو پهتو. هن پنھنجي ملڪ ۾ جديد عمارت سازي ۽ مجسمي سازي لاءِ ٻاهرينءَ دنيا مان ڪيترا ڪاريگر ۽ ڄاڻو ماڻهو گهُرايا. جن هن ملڪ ۾ جديد عمارتن جو بنياد وڌو.
خالد بن عبدالعزيز جي وقت ۾، 1975ع ڌاري ابو ظهبي، عمان ۽ سعودي عرب جي سرحدي تڪرارن جي نبيري لاءِ هڪ معاهدو ’البرايمي اوسيئيس‘ نالي سان ٿيو. 1982ع ۾ هن آمريڪا سان هڪ معاهدو ڪري F-15 جھاز پنھنجي ملڪ لاءِ ورتا. هن معاهدي وقت آمريڪا جو صدر جمي ڪارٽر هو، جنهن هن معاهدي تحت 60 جھاز سعودي عرب کي ڏنا. معاهدي موجب سعودي ايئر لائين لاءِ بوئينگ 747 پڻ خريد ڪيا ويا.
خالد بن عبدالعزيز 1973ع کان ملڪ ۾ پيدا ٿيل تيل جي بحران کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ملڪ کي وڏي ترقي وٺرائي بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز پنھنجي جديد پرڏيهي پاليسيءَ هيٺ سعودي عرب ۾ ڪافي تعداد ۾ ٻاهرين ملڪن مان فني ماهر ۽ ڪاريگر گهرائي، وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ صحت جي شعبي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو. 1981ع ۾، بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز گلف مسئلي بابت ڪانفرنس جي صدارت ڪري، مسئلي جي حل لاءِ تمام وڏي ڪوشش ڪئي.
خالد بن عبدالعزيز، اسلام آباد ۾ شاھہ فيصل جي نالي ٺهندڙ ’فيصل مسجد‘ جو 12 آڪٽوبر 1976ع تي سنگ بنياد رکيو.
سعودي عرب جي شهنشاھہ بن عبدالعزيز'>خالد بن عبدالعزيز، 13 جون 1982ع تي دل جي دؤري سبب وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ هن جي نالي سان رياض شھر ۾ ’خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ تعمير ڪرايو ويو، گڏوگڏ ’خالد ملٽري سٽي‘ پڻ ٺاهي وئي.


لفظ خالد بن عبدالعزيزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.02.13  عيسوي

خالد بن عبدالعزيز جو جنم، 13 فيبروري 1913ع تي رياض جي هڪڙي وسنديءَ ۾ ٿيو


1975.03.25  عيسوي

خالد بن عبدالعزيز هڪ غير معروف شخص بنجي ويو، ليڪن 25 مارچ 1975ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل جي مارجي وڃڻ کان پوءِ کيس سعودي عرب جو بادشاهه بڻايو ويو ۽ هن حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون.


1976.10.12  عيسوي

خالد بن عبدالعزيز، اسلام آباد ۾ شاهه فيصل جي نالي ٺهندڙ ’فيصل مسجد‘ جو 12 آڪٽوبر 1976ع تي سنگ بنياد رکيو


1982.06.13  عيسوي

سعودي عرب جي شهنشاهه خالد بن عبدالعزيز، 13 جون 1982ع تي دل جي دؤري سبب وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آصف نواز جنجوعا
ايبڪ
تھذيب السلام رضوي
ڄاموٽ سيد ذوالفقار علي شاھہ
اظھر علي شاھہ ڊاڪٽر
عبدالستار سمو
در محمد گائنچو
پير محمد لکوي
تلوڪ چند ٻيلاڻي ديپ چند راءِ
اعجاز علي خواجہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون