خالد حسين پتافي

خالد حسين پتافي: ناليوارو فنڪار خالد حسين ولد مٺو خان پتافي، 29 مئي 1976ع تي ڳوٺ ڌڻي بخش پتافي، تعلقي تلهار، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. غربت سبب اڳتي پڙهي نہ سگهيو ۽ والدين سان ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ لڳو. ڪجهہ عرصو دڪان تي مزدوري ڪيائين ۽ مال چاريائين. مال چارڻ دوران سندس ملاقات استاد علي احمد ڪڇيءَ سان ٿي، جنهن کان فن جي تربيت ورتائين. هن ريڊيو تي بئنجو وڄائيندڙ استاد رحمت کان سازن جي سکيا ورتي. ٿوري عرصي ۾ لاڙ جي علائقي ۾ فنڪار طور مشھور ٿيڻ لڳو، جنهن سبب علائقي ۾ شادين مرادين ۽ محفلن ۾ کيس گهرايو ويندو هو. 94-1993ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ان وقت جي پروڊيوسر زاهد قلباڻيءَ کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. جنهن کانپوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ مٺي تي باقاعدہ ڳائيندو رهيو. هن وقت تائين ناز پروڊڪشن، ٿر پروڊڪشن، پارس، ماروي، شان پروڊڪشن پاران سندس 15 کان وڌيڪ ڪيسٽون رليز ٿي چڪيون آهن. جڏهن تہ بھار پروڊڪشن ٻہ سي.ڊيز جون سيريز پڻ جاري ڪيون آهن.خالد حسين پتافي هن وقت سنڌ جي بھترين راڳي طور سڃاتو وڃي ٿو. کيس ٻن ٻارن جو اولاد آهي ۽ پاڻ جهڏو لڳ ڳوٺ حيات خاصخيليءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.05.29  عيسوي

ناليوارو فنڪار خالد حسين ولد مٺو خان پتافي، 29 مئي 1976ع تي ڳوٺ ڌڻي بخش پتافي، تعلقي تلهار، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سجاد يوسف
سيال خادم حسين
زاهده پروين
سوڍل فقير لغاري
پون ڪمار نانڪرام
شير شاھہ
فائزا علي
ڪريم ڪڇي
چَند فقير
سهراب فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون