
خالد وسير
خالد وسير: خالد وسير جو پورو نالو خالد حسين ولد احمد علي وسير آهي. هن 6 مارچ 1978ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ کان وٺي سموري تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. سندس تعليمي قابليت ايم. اي (اردو) آهي. پيشي جي لحاظ کان پهريائين 2000ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اردوءَ جوليڪچرر ٿيو، جتي هن 2005ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بعد تعليم کاتي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ هن وقت گورنمينٽ شاھہ لطيف آرٽس اينڊ ڪامرس ڊگري ڪـالـيـج شـڪـارپـور ۾ پـنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. خالد وسير 1996ع کان لکڻ شروع ڪيو.
سندس شايع ٿيل ڪـتـابـن ۾: (1) ’فـضـائـل درود شـريـف‘ (تـرجـمـو)، (2) ’سـنـڌ جـي تـاريـخ‘ (اعـجـاز الـحـق قـدوسـيءَ جـي ڪـتـاب ’تـاريـخ سـنـدھہ‘ جـو سـنڌي ترجمو)، (3) ’ناڪام انسان‘ (ترجمو) وغيرہ شامل آهن.
1978.03.06 عيسوي
خالد وسير جو پورو نالو خالد حسين ولد احمد علي وسير آهي. هن 6 مارچ 1978ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.