
خالق جون سائنسي ڪاريگريون
خالق جون سائنسي ڪاريگريون (ڪتاب): هي ڪتاب عزيز ﷲ بروهيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف ﷲ تعاليٰ جي تخليقن کي سائنسي علمن جي روشني ۾ بيان ڪيو آهي. هن ۾ ڪل ست باب آهن؛ باب پهريون: سائنس ۽ غور و فڪر، باب ٻيو: انساني سوچ ۽ سائنسي رغبت، باب ٽيون: آسماني نعمتون، باب چوٿون: جانورن ۾ سائنسي نشانيون، باب ڇهون: پکين ۾ سائنسي عمل ۽ باب ستون: جاندارن کي صفائي جي ضرورت. ڪتاب ۾ ’پهرئين ڇاپي جو مهاڳ‘ نالي مصنف عزيز ﷲ بروهي پاڻ لکيو آهي، جڏهن تہ ٻئي ڇاپي جو مهاڳ ان وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي. ڊيمي سائيز ۾ 111 صفحن تي مشتمل هي ناياب ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران 1994ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي جنهن جي قيمت 35 روپيا ڄاڻايل آهي.