خاناڻي، نصير خان: نصير خان ولد مبارڪ خان ميرپور جي ٽالپر حڪمران مير ٺاري جي ڀاءُ احمد خان ماڻڪاڻيءَ جو ڏوهٽو هو.27 ذوالقعد 1251ھہ 15 مئي 1836ع تي مير نصير خان، نصير خان خاناڻيءَ جي نالي سند منظور ڪندي، روپا ماڙيءَ ۾، ديھہ ڪامري لڳ ٽي هزار بيگها جاگير ڏني. ڪئپٽن پيلي، هن جاگيردار کي ٿرڊ ڪلاس ۾ درج ڪيو. ميجر گولڊ سمڊ ۽ مسٽر ايلس تجويز ڏني تہ جاگيردار کي سند جاري ڪندي پنج سئو بيگهہ دائمي منظور ڪري ڏنا وڃن. هن کي اها ايراضي سند نمبر 88 هيٺ ڏني وئي، جنهن موجب سندس وارثن کي 1815 بيگهہ واري اها جاگير، عام ڍل ڏيڻ يا جاگير جي رواجي ايراضي تان هٿ کڻڻ هيٺ هن وٽ رکڻ جي عام مختياري ڏني وئي هئي.