خانبهادر خير محمد چانڊيو

خانبهادر خير محمد چانڊيو: خير محمد ولد رئيس ڏتل خان چانڊيي جا وڏا اصل دادوءَ جا رهواسي هئا، جيڪي پوءِ اتان لڏي ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان رهيا ۽ پوءِ اتان بہ لڏي وڃي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ مقيم ٿيا، جتان خير محمد خان ۽ سندس وڏو ڀاءُ صوڀ خان تعلقي شاهبندر ۾ لاڏين جي ڀر ۾ صوڀ خان چانڊيي جي نالي سان نئون ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳا. شاهبندر جي آس پاس ۾ رئيس خير محمد خان ڪجهہ زمين خريد ڪري ۽ ڪجهہ سرڪاري زمين جي کڻت ڪري، پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪيو. هو يورپي آفيسرن سان لاڳاپا رکي ۽ سندن طرفداري ڪري پهرين سيڪنڊ ڪلاس آنرري مئجسٽريت مقرر ٿيو ۽ پوءِ ’خانصاحب‘ ۽ ’خانبهادر‘ جا لقب ماڻيائين. 1921ع کان 1937ع تائين ضلعي ڪراچيءَ جي لوڪل بورڊ جو ميمبر رهيو. ٻي مهاڀاري جنگ واري وقت ڪراچي ضلعي لاءِ ’نيشنل وار فرنٽ‘ جو ميمبر ٿيو. هن کي نواب غيبي خان چانڊيي پنھنجي طرفان لاڙ جي چانڊين جو سردار مقرر ڪيو. اسپتالن، اسڪولن ۽ هاسٽلن لاءِ ذاتي پئسا پڻ خرچ ڪندو هو.
هيءُ 9 جولاءِ 1954ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.07.09  عيسوي

خانبهادر خير محمد چانڊيو 9 جولاءِ 1954ع ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنت شري مامئي ڏيو
سورٺ ٿيٻو
هما مير
اتا ترڪ ڪمال
سيده نفيسه شاھہ
سائين ولايترام
مولانا محمد شيدا چنجڻي
شاهد سلام ٿھيم
ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘
عبدالعزيز سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون