خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر

خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر

خانبهادر شھريار ڀائي ڪنٽريڪٽر

خانبهادر شھريار ڀائي ڪنٽريڪٽر: سماجي ڪارڪن ڀائي ڪنٽريڪٽر'>خانبهادر شھريار ڀائي ڪنٽريڪٽر جو جنم 5 سيپٽمبر 1878ع ڌاري ڀارت ۾ ٿيو. گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات استاد طور ڪئي، جتان ترقي ڪندي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ۽ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ جو پرنسپال ٿيو. ان کان سواءِ هيءُ مختلف عهدن جھڙوڪ: اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن پونا، 1937ع ۾؛ ’سرونگ بردر‘ 1939ع؛ ’آفيسر بردر‘ ۽ 1946ع ۾ ’ڪمانڊر بردر‘ ٿيو. پاڻ 1902ع ۾ گجرات ڪاليج احمد آباد جو ’دڪشنا فيلو‘، سنڌ پراونشل پرائمري ايجوڪيشن بورڊ جو ميمبر؛ پارسي شادين جي ڪورٽ جو ميمبر ۽ پارسي ڪوآپريٽِو هائوسنگ سوسائٽيءَ جو چيئرمئن بہ ٿي رهيو. کيس سرڪار پاران ’خانبهادر‘ جو لقب 1929ع ۾ مليو ۽ کيس ٻيا بہ ڪيترائي سرڪاري اوارڊ مليا. هيءُ 18 آگسٽ 1962ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ خانبهادر شھريار ڀائي ڪنٽريڪٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1878.09.05  عيسوي

سماجي ڪارڪن خانبهادر شهريار ڀائي ڪنٽريڪٽر جو جنم 5 سيپٽمبر 1878ع ڌاري ڀارت ۾ ٿيو.


1962.08.18  عيسوي

کيس سرڪار پاران ’خانبهادر‘ جو لقب 1929ع ۾ مليو ۽ کيس ٻيا به ڪيترائي سرڪاري اوارڊ مليا. هيءُ 18 آگسٽ 1962ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لونگ فقير سولنگي
سيد محمد وريل شاھہ سبزواري
مريم مختيار شيخ
سشما ديوي
شجاع حبشي
خير محمد پشوري
پيرغلام رسول سرهندي
احمد سلطان چانڊيو
جميلا نرگس
سنڀو مل هميراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون