خانبهادر علي مراد خان ڌاريجو اول

خانبهادر علي مراد خان ڌاريجو (اول): خانبهادر سردار علي مراد خان ڌاريجو 1887ع ڌاري دادلوءِ ضلعي سکر ۾ ڄائو. سندس والد خانبهادر سردار ابو الخير خان ڌاريجو پڻ پنھنجي دور جو ناليوارو شخص هو. جيئن تہ علي مراد خان پنھنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو ان ڪري سندس تعليم ۽ تربيت جو خاص خيال رکيو ويو. انگريزن کيس خانصاحب ۽ خانبهادر جا لقب ڏنا. مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، جنهن ڪري وٽس ڪجهہ ڪيس بہ هلندا هئا. طبيعت ۾ نرم مزاج ۽ رحمدل هو. ان ڪري جڏهن ڪنهن ڏوهاريءَ کي سزا ڏيندو هو تہ ڏوهاريءَ جي ٻارن ٻچن ڏانهن ذاتي خرچ سان راشن پاڻي ڏياري موڪليندو هو. سندس فيصلن بابت مشھور اديب سيد اظهر گيلاني پنھنجي ڪتاب ’سيئي سِڪان ساريان‘ ۾ هن طرح لکي ٿو: ”خانبهادر سردار علي مراد خان ڌاريجو دادلوءِ تعلقي پني عاقل جو انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ فرسٽ ڪلاس زميندار ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. صاحب موصوف يگانو مؤمن، رحمدل ۽ خدا پرست انسان ٿي گذريو آهي، ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ڏکويائين.“ خانصاحب علي مراد خان کان اڳ سندس والد خانبهادر ابو الخير خان بہ انگريز سرڪار وٽ وڏيءَ مڃتا وارو شخص هو. خانبهادر علي مراد خان جا لاڙڪاڻي جي ڀٽن سردارن سان دوستاڻا ناتا هئا. هيءُ نيڪ دل انسان 1941ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاھہ پير بائد سلطان جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو