خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر

خانبهادر مير خان ٽالپر'>غلام محمد خان ٽالپر: خانبهادر مير غلام محمد ولد مير محمد خان ٽالپر 1876ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق ٽالپرن جي مشھور ماڻڪاڻي خاندان سان هو. مير غلام محمد ٽالپر جون هونئن تہ ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي خدمتون آهن، پر هن لاڙ ۾ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون. اتان جي ماڻهن ۾ تعليمي سجاڳي آڻڻ لاءِ نہ رڳو ٽنڊي باگي ۾ لارينس مدرسي ۽ مير غلام محمد گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو بنياد رکيائين، پر انهن جون عمارتون بہ پنھنجي ذاتي خرچ تي تعمير ڪرايائين، هن شاگردن جي رهائش، کاڌخوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جو بندوبست بہ پنھنجي ذمي کنيو. ان دور ۾ جڏهن لاڙ واري علائقي ۾ غريب ماڻهو تعليم جو تصور ئي نہ ٿي ڪري سگهيا، تڏهن هن اتي مفت تعليم شروع ڪري غريبن جي ٻارن کي هڪ وڏو موقعو فراهم ڪيو ۽ سندس هن خدمت واري جذبي لاتعداد ماڻهن جي زندگي سنواري.
مير صاحب نامياري تعليمدان، شاعر ۽ اديب محمد صديق ’مسافر‘ کي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان پنھنجي ڳوٺ وٺي آيو ۽ ان جي مدد سان تعليمي سلسلو شروع ڪيائين. ٽنڊي باگي ۾ چئن پنجن بئنچن ۽ ڪجهہ ڪرسين ۽ ٽيبلن سان هڪ مسواڙي جڳھہ ۾ شروع ڪيل هي اسڪول ٿورن ڏينهن اندر پوري علائقي جو تعليمي مرڪز بڻجي ويو. ان دور ۾ هڪ انگريزي اسڪول شروع ڪرڻ ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ ڏاڍو جاکوڙ طلب ڪم هيو، پر مير غلام محمد ۽ محمد صديق ’مسافر‘ جي گڏيل محنت ۽ ڪوششن سان هي سلسلو ڪامياب ٿيو. محمد صديق مسافر پنھنجي ڪتاب ’منازل مسافر‘ ۾ ان سموري ڪهاڻيءَ کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
هڪ هنڌ محمد صديق ’مسافر‘ لکيو آهي تہ: ”مرحوم خانبهادر مير صاحب جو وقت بوقت اهو ئي چوڻ هوندو هو تہ خرچ منهنجو ۽ محنت ۽ ايمانداري تنهنجي، ڪڏهن بہ دل سست نہ ڪجان“. خان ٽالپر'>خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر نہ رڳو ڇوڪرن، پر نياڻين جي تعليم لاءِ بہ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. 1928ع ۾ محمد صديق مسافر جي سهڪار سان حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج جي پريڪٽس اسڪول مان هڪ ماسترياڻيءَ کي پنھنجي پوري ڪٽنب سميت ٽنڊي باگي ۾ رهايو ۽ اُتي نياڻين جو اسڪول شروع ڪرايو ۽ اُن ماسترياڻي ۽ سندس پوري ڪٽنب جي رهائش، کاڌ خوراڪ وغيرہ جو خرچ پنھنجي ذمي کنيو. مير صاحب جي هن ڪوشش جي نتيجي ۾ لاڙ جي پري پري وارن علائقن مان نياڻيون اچي تعليم جي زيور سان آراستہ ٿيون.
هن نہ رڳو تعليمي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پر غريب ۽ ضرورتمند ماڻهن جي مدد لاءِ بہ هر وقت حاضر رهندو هو، جيڪو بہ ڪنهن گهرج لاءِ سندس دروازي تي ايندو هو، اهو خالي واپس نہ موٽندو هو. 1914ع ڌاري پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران هن هندستان سرڪار کي هڪ لک رپيا قرض طور ڏيئي زميندارن ۽ جاگيردارن ۾ پهريون نمبر ماڻيو ۽ سرڪار سندس خدمتن کي ساراهيندي کيس ’خانبهادر‘ جو لقب ۽ ’او. بي. اي‘ جو خطاب ڏنو. 1924ع ۾ مير صاحب اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس لاءِ عاليشان عمارتون تعمير ڪرايون، ان کان سواءِ اسڪول جي هاسٽل لاءِ اڍائي لک رپيا بئنڪ ۾ انڊومينٽ فنڊ طور رکيائين، جنهن مان ملندڙ نفعو اسڪول جي ڪمن ۾ خرچ ٿيندو هو. مير غلام محمد خان هاسٽل ۾ غريب ۽ مستحق شاگردن لاءِ رهائش ۽ خوراڪ جو مفت بندوبست هوندو هو. خانبهادر مير صاحب پنھنجي سموري ملڪيت غريبن ۽ مسڪينن جي فلاح لاءِ اسڪولن قائم ڪرڻ، شفاخانن هلائڻ، شاگردن کي اسڪالرشپون ڏئي اعليٰ تعليم لاءِ ولايت موڪلڻ ۾ خرچ ڪئي. لاڙ پٽ جي هن سخي دل انسان، 12 فيبروري 1932ع تي وفات ڪئي.


لفظ خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو