خانبهار احمد خان ڀٽو

خانبهار احمد خان ڀٽو: سنڌ جو ناليوارو زميندار ۽ سياستدان خانبهادر احمد خان ولد خان ڀٽو'>رسول بخش خان ڀٽو 1880ع ڌاري ڳوٺ ميرپور ڀُٽي، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هو شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو سُهرو هو. هن بنيادي تعليم نئين ديري مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ سنڌ مدرسي اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪئي. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو، پر وڏو غريب پرور هو. هن سماجي ڀلائيءَ جا ڪيترا ڪم ڪيا، غريبن ۽ بي پھچ ماڻهن جي مدد ڪئي. هن مقامي سياست کان ابتدا ڪئي ۽ اڳتي هلي ملڪي سطح تي مشھور سياستدان ثابت ٿيو. ڪيترا ڀيرا ضلعي ڪائونسل ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هو سياسي طور مسلم ليگ سان وابستہ رهيو. نئين ديري ٽائون ڪميٽيءَ جو تاحيات چيئرمئن رهيو. شھر جي ترقيءَ ۽ تعمير لاءِ خاص ڪوششون ورتائين. هي بنيادي طور مذهبي ماڻهو هو ۽ ديني عالمن سان اڪثر ڪچهريون ڪندو هو. هن ڪيترين مسجدن جي تعمير ۾ مدد ڪئي. گڏوگڏ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ، فنڪارن، اداڪارن، رانديگرن ۽ پهلوانن کي انعام اڪرام ڏيڻ بہ سندس اهم مشغلو هوندو هو. خواجہ ناظم الدين، ملڪ غلام محمد، اسڪندر مرزا، صدر ايوب خان، خان عبدالغفار خان، پير صاحب پاڳارو سيد صبغت شاھہ ۽ ٻيا نامور سياستدان سندس دعوتن تي آيا.
هن مشھور سياستدان 25 اپريل 1961ع تي 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، کيس پٽ جو اولاد ڪو نہ هو. سندس وفات بعد سندس نياڻو اڳوڻو وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس پڳدار ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو