خاندان: خاندان کي سنڌيءَ ۾ ڪٽنب به چئبو آهي. رت جي رشتي يا شاديءَ جي تعلق ذريعي سمورن معاشرن جي بنيادي وحدت، خاندان هوندو آهي. خاندان پنهنجي سڀني فردن کي تحفظ ۽ سماجي حيثيت فراهم ڪري ٿو. هر معاشري ۾ خاندان جو پنهنجو مخصوص ڪردار آهي. ماءُ، پيءُ ۽ ٻارن تي مشتمل خاندان جي ڪجهه معاشرن ۾ مرڪزي وحدت آهي. سماجي سائنسدانن خانداني ڍانچي ۽ ارتقا بابت ڪيترا نظريا ٺاهيا آهن، قديم تاريخ جي شڪاري معاشرن ۾ خاندان سال ۾ ڪجهه عرصو گڏ رهندا هئا، پر خوراڪ جي گهٽتائي، گذر سفر لاءِ الڳ الڳ ٿي ويندا هئا.
خاندان هڪ معاشي وحدت هو، مرد شڪار ڪندا هئا، عورتون خوراڪ گڏ ڪنديون، کاڌو پچائينديون ۽ ٻارن کي پالينديون هيون. ان وقت پوڙهن کي ڪٽنب مان ٻاهر ڪڍڻ عام هو. سماجي سائنسدانن جو خيال آهي ته جديد مغربي معاشرو قديم عبراني معاشري جي ترقي يافته شڪل آهي، جيڪي خاندان پيئيتي جوڙجڪ وارا هئا، رومي ثقافت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خاندان به پيئيتي سماج سان واسطيدار هئا ۽ انهن کي مذهبي اصولن مضبوط رکيو. پوين صدين ۾ يوناني ۽ پوءِ رومن سلطنت زوال جو شڪار ٿي ۽ گڏوگڏ گڏيل خانداني سسٽم به پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو. عيسائيت ۾ شادي ۽ ٻارن جي پرورش مذهبي تعليم جو مرڪزي موضوع بڻجي ويا. ڪيتريون ئي مغربي قومون هاڻي خانداني تعلق کي ذاتي معاملو سمجهن ٿيون، پر اوڀر وارن ملڪن ۾ اڃا خاندان جي اهميت آهي. مشرقي ملڪن ۾ پيئيتي سماج کان اڳ مائيتي سماج جي بنياد تي خاندان منظم هئا.