خانداني منصوبابندي
خانداني منصوبابندي: ماءُ جي صحت جي حفاطت ۽ خاندان جي واڌ ويجهه ۾ توازن برقرار رکڻ ۽ ٻارن جي پئدائش ۾ وقفو ڪرڻ واري نظام کي ’خانداني منصوبابندي‘ چئبو آهي. هيءُ نظام پوريءَ دنيا ۾ گذريل صدي (1900ع) جي ڇهين ڏهاڪي ۾ رائج ٿيو. پاڪستان ۾ به پهرين پنجن سالن بعد هن منصوبي تي عمل درآمد شروع ٿيو. هن پروگرام هيٺ ٻارن جي پيدائش گهٽ ڪرڻ ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ وقفي ڪرڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي. ’ٻار ٻه سٺا‘ جي عنوان سان ٽي وي، ريڊيي، اخبارن ۽ سيمينارن وغيره ۾ اشتهاري مهم هلائي عام ماڻهن کي گهڻي اولاد جي پريشانين کان آگاهه ڪيو ويندو آهي. ماڻهن کي ان ڳالهه کان روشناس ڪرايو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي آبادي هڪ خاص حد کان وڌي ويندي ته ان ملڪ ۾ غربت، بک ۽ بدحالي انتها تي پهچي ويندي. عام ماڻهن کي گهٽ ٻارن واري خاندان جي فائدن کان آگاهه ڪيو ويندو آهي. ان کانسواءِ گهڻا ٻار ڄڻڻ جي ڪري عورتن جي صحت تي جيڪي خراب اثر پوندا آهن، انهن کان به عورتن کي آگاهه ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ پڻ هن پروگرام تحت ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تربيت ڪري، يو. سي سطح تي خانداني منصوبا بنديءَ بابت آگاهي ڏني وڃي ٿي.
پاڪستان ۾ خانداني منصوبابندي ۽ آباديءَ کي ضابطي ۾ رکڻ جي پروگرام تي هن وقت تائين اربين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جيتوڻيڪ هن قسم جي ترغيب لاءِ مرڪزي، صوبائي ۽ مڪاني سطح تي ڪم ٿي رهيو آهي، پر ان جو ملڪي آباديءَ واري شرح تي ڪو خاص فرق نه پيو آهي ۽ آبادي ۾ اڃا به تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. ٻين ملڪن ۾ خانداني منصوبابنديءَ واري پروگرام جا سٺا نتيجا سامهون آيا آهن. اسان وٽ هن پروگرام جي گهڻي قدرڪامياب نه ٿيڻ پٺيان ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن ۾ تعليم جي گهٽتائي، ماڻهن ۾ مذهبي حوالي سان انتهاپسندي، وهم پرستيءَ ۽ جاهليت جو هئڻ اهم سبب آهن.