خانصاحب ڪمال الدين عباسي

خانصاحب، ڪمال الدين عباسي: خانصاحب ڪمال الدين ولد عباسي'>رحمت عباسي 18 جون 1883ع تي سيوهڻ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪري، ثانوي تعليم سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. روينيو کاتي سنڌ ۾ ملازمت ڪيائين. آگسٽ 1927ع ۾ تعلقي جوهي تعلقي جو مختيارڪار مقرر ٿيو. ايمانداريءَ ۽ فرض شناسيءَ سان نوڪري ڪرڻ ڪري کيس انگريز حڪومت خانصاحب جو خطاب ڏنو. حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين، سندس تصنيف ڪيل ڪتاب ’سوانح تاجدارِ مدينه صلي عليہ وسلم‘ نهايت ئي اهم ڪتاب آهي. خانصاحب ڪمال الدين عباسيءَ جي نالي پٺيان، 24 سيپٽمبر 1988ع تي هڪ بوڪ ڪارنر قائم ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1883.06.18  عيسوي

خانصاحب ڪمال الدين ولد رحمت الله عباسي 18 جون 1883ع تي سيوهڻ ۾ جنم ورتو.


1988.09.24  عيسوي

خانصاحب ڪمال الدين عباسيءَ جي نالي پٺيان، 24 سيپٽمبر 1988ع تي هڪ بوڪ ڪارنر قائم ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام علي خان مير
آچر پاڪستاني
ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
عبدالسميع ميمڻ
ذوالفقار مرزا
عبدالوحيد انڍڙ ڊاڪٽر
عالمچند ڪولهي
بختاور ڀٽو زرداري
رستم ۽ سهراب1
علي احمد جمالي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون