خانقاھہ ترابي

خانقاھہ ترابي: هيءَ خانقاھہ شيخ ابوتراب نالي بزرگ جي آهي، جنهن بکر جو قلعو فتح ڪيو. هيءُ مقبرو ’گجر‘ کان ٽي ميل ڏکڻ اولھہ طرف، ٿرڙي مڪان، تعلقي ميرپورساڪري ۾ آهي. تاريخي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ بزرگ خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ سنڌ ۾ مھم دوران شھيد ٿيو هو. هن روضي تي سال 171ھہ/ 787ع جو ڪتبو لڳل آهي. ان لحاظ کان هن درگاھہ کي سنڌ ۾ پراڻي درگاھہ تسليم ڪيو ويو آهي. سما دؤر ۾ ڄام جوڻي هن بزرگ جي مزار تي گنبذ ٺهرايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو