خانقاھہ شريف صاڀو

خانقاھہ شريف صاڀو: عمرڪوٽ ضلعي ۾ واقع هيءَ خانقاھہ سيهڙ فقير مڱرئي جي خاندان جي آهي، جيڪا زمانن کان آباد آهي. مڱريا بزرگ غوث بھاءُ الدين ذڪريا جي سهرورديه سلسلي جا پوئلڳ رهيا آهن. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيرح جي زماني ۾ ساڀي ۾ ابراهيم فقير ذڪر ڏيندو هو، جنهن کي ابراهيم ’ڪاڻو‘ ڪري چوندا هئا. گرهوڙي صاحب ۽ سندس وچ ۾ ڪيتريون چوٽون ٿيون، گرهوڙيءَ هن تي چوٽ ڪندي چيو تہ:
ڪي نميا ناٿ کي، ڪي ابراهيم ڪاڻي،
ﷲ ٿو ڄاڻي، اسين تنھنجي آسري.
انگريزن جي آخري زماني ۾ هن خانقاھہ جي روح روان بيبي صالحان وڏي هستي ٿي گذري آهي. فقير محمد علي ساند بہ هتي جو بزرگ آهي، جيڪو حاجي محمد حسين نقشبندي ملتان واري جو خليفو آهي. هي خانقاھہ شريف، ذڪر فڪر سان آباد رهندي اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو