خانقاھہ شريف ڪونجيلي

خانقاھہ شريف ڪونجيلي: ديھہ ڪونجيلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ٿرواھہ جي اترئين پاسي حاجي رحمة جي خانقاھہ ۾ موجود آهي. حاجي رحمة پاڻ ڪوئيٽا جي مشھور درويش چشمي واري بزرگ کان فيض يافتہ هو. وڏو سخي مرد ۽ ناري جو نواب هو. تنهنڪري سندن خانقاھہ هر وقت آباد رهندي هئي. پير سائين پاڳاري جا ڪيترا مريد سندس ارادت جي حلقي ۾ داخل ٿي ويا، جنهنڪري ڪنهن جي چرچ تي رحيم هنڱوري هن خانقاھہ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هن بزرگ سميت 18 ڄڻا شھيد ٿي ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو