
خانقاهه مصري شاهه
خانقاھہ مصري شاھہ: صوفي شاعر ۽ سنڌي ڪافيءَ جي بادشاھہ مصري شاھہ جي خانقاھہ نصرپور شھر جي وچ ۾ واقع آهي. هن خانقاھہ ۾ ڪاٺ جي ڪٽهڙي ۾ مصري شاھہ جي قبر کان علاوہ هڪ عليحده ڪمرو بہ آهي، جنهن ۾ مصري فقير پنھنجي دوستن ۽ مريدن سان گڏ سماع جون محفلون ٻڌندو هو. هن خانقاھہ جي بناوت ۽ ٻاهريون ڏيک سنڌي روايتي گهر جهڙو آهي. قطار ۾ 8 ڪمرا، درين ۽ روشندانن سميت آهن، جن ۾ ڪاٺ جا ٻہ تاڪاوان در لڳل آهن. ڪمرن اڳيان مستطيل شڪل جو ڪشادو ورانڊو آهي، جنهن ۾ جنڊي سان ٺهيل ڪاٺ جا گول ونگاوان لنگهہ آهن. جن جي مٿان جنڊيءَ جون ڄاريون ڏنل آهن. مٿن نهايت نفيس ڪم ٿيل آهي. خانقاھہ جي سموري عمارت کي ڪاٺ جي ڇت ڏنل آهي ۽ سهاري لاءِ ڪاٺ جا گول ستون بہ ڏنا ويا آهن، جن تي جنڊي جو ڪم ٿيل آهي. ڪاٺ جي حفاظت لاءِ مٿان سيمنٽ سان ڌار ڇت ڏني وئي آهي. هن خانقاھہ ۾ هڪ وسيع اڱڻ بہ آهي، جتي هڪ قديم کوھہ اڄ بہ اصلوڪي حالت ۾ موجود آهي. خانقاھہ اندر مصري شاھہ جو شجرهِ لڳل آهي، اتي ساز، هٿيار ۽ استعمال جون ڪي شيون پڻ رکيل آهن، جيڪي اتان جي سجادہ نشين سيد مريد شاھہ سنڀالي رکيون آهن. ان کان سواءِ هتي چانور جو هڪ اهڙو داڻو بہ موجود آهي، جنهن تي ڪلمه طيبہ درج آهي. اهو فن 1136 ھہ/ 1725ع ۾ سيد قادر شاھہ رضوي شروع ڪيو. مصري شاھہ جي مريدن ۽ عقيدتمندن جو وڏو انگ سندس مزار تي اچي فاتح خواني ڪندو آهي.