خانقاھہ کنڀرو شريف

خانقاھہ، کنڀرو شريف: عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڍوري ناري کان ٻہ ميل کن اتر طرف کنڀري جي ڀٽ تي هيءَ خانقاھہ آباد آهي. هن خانقاھہ ۽ مدرسي جو باني ميون عبدالله اڪبر سمو وڏو درويش، عالم باعمل ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. ميان صابر ولهاريءَ جي اولاد مان آهي. سندس شاگرديءَ جي سند ’ٺٽوي سنڌي‘ آهي. سندس شاگرد عالم باعمل ۽ وقت جا وليءُ ٿي گذريا آهن. مشھور درويش ۽ عالم ميون حبيب تاملهيار
(راجستان وارو) سندس شاگردن مان هو. ميين عبدالله اڪبريءَ جو بي مثال ڪتب خانو هو، جنهن ۾ ٺٽي جي عالمن جا شهپارا قلمي صورت ۾ محفوظ هئا، پر سنڀال نہ ٿيڻ ڪري ڪتب خانو اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو. رهيل ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کڻائي ويو. روايت آهي تہ هن ڪتبخاني ۾ مخدوم بلاولرحه جو فارسي زبان ۾ لکيل ڪتاب بہ موجود هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو