خانواهڻ (شهر): خانواهڻ سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جو نهايت قديم ۽ تاريخي شهر آهي. نوشهري فيروز ضلعي جي ڪنڊياري تعلقي ۾ هن شهر جي قديم علمي مرڪز واري حيثيت حاصل رهي آهي. هن شهر جو بنياد ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ پيو ۽ آهستي آهستي ترقي ڪندو اوج کي پهتو. هيءُ شهر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جي تهذيب ۽ تمدن جو نشان آهي، خانواهڻ جو قديم شهر، ڪوٽڙيءَ ڪبير کان اڍائي ڪوهن جي مفاصلي تي سنڌو درياهه جي اڀرندي ڪناري تي آباد آهي. روايت آهي ته اڳئين زماني ۾ هن شهر ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي وچان درياهه وهندو هو، جيڪو هاڪڙو درياهه سڏبو هو. هاڪڙو سنڌونديءَ جي اها قديم شاخ هئي، جيڪا اتر ۾ پنجند وٽان سنڌو درياهه مان نڪري، اڀرنديءَ سنڌ کي سيراب ڪندي هئي ۽ ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. محقق قاضي ميان قطب الدين هن شهر جو احوال بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”خانواهڻ جو هڪ قديم ڳوٺ لوهاڻي درياهه جي ڀڪ تي آباد آهي، سهتا قبيلي جي ماڻهن جو وسايل آهي. هن شهر ۾ ڪوٽڙي ڪبير کان سيد، خالدي، قريشي، دلواڻي (هندو) ۽ مياڻيءَ وارا ميربحر، مدد خان جي حملي وقت لڏي اچي رهيا.“
هن شهر جي باري ۾ ميان نور الله لکي ٿو ته: ”خانواهڻ نالي هيءُ شهر سهتا قبيلي جي بااثر زميندار خان سهتي جو ٻڌايل آهي، اوائل ۾ هي شهر ’خان جو واهڻ‘ يا ’خان جو ڀاڻ‘ ڪري سڏبو هو، پر پوءِ وقت گذرندي ان جي نالي ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ خان جي واهڻ مان بدلجي خانواهڻ سڏجڻ لڳو.“ مشهور اديب عبدالخالق موجب هيءُ شهر 1890ع تائين خيرپور رياست ۾ شامل هو، هن شهر جي اتر ۾ هڪ وڏي کڏ يا کاهي آهي، جنهن جي ڪنڌيءَ تي هندن جي هڪ قديم مڙهي هئي، هن مڙهيءَ ۾ هندن جو هڪ ننڍڙو مندر هو. خانواهڻ شهر جي اوڀر ۾ پراڻي ميراڻي گرڪڻي واهه جي ڪنڌيءَ تي ٻالچند نالي هڪ هندو زميندار جي پٽ چوهڙمل پنهنجي نالي پويان ’چوهڙپور‘ نالي محلو تعمير ڪرايو هو، ان ۾ آسپاس جا ڪيترائي هندو لڏي اچي آباد ٿيا. هيءُ شهر ساهتيءَ جي گهڻن شهرن کان وڌيڪ وسندڙ ۽ آباد هو. خاص ڪري تعلقي ڪنڊياري جو مکيه ۽ اهم شهر هو، واپار جي لحاظ کان به هيءُ وڏو برک شهر هو. هتي چانورن ۽ ڪپڙي جو ڪم گهڻو ٿيندو هو. هتي جا پوتڙا، انگوڇا ۽ چوڙيون، سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هيون، هن شهر جي چوڌاري باغ هئا ۽ هتان جا انب سموريءَ سنڌ ۾ وڪري لاءِ ويندا هئا، هتي وڏا وڏا واپاري رهندا هئا. هن شهر جي رهواسين جي شاهوڪاريءَ جي ساک ان مان ئي ظاهر آهي ته خانواهڻ جون ڳاڙهيون ماڙيون اڄ به قائم آهن. خانواهڻ شهر ۽ پسگردائيءَ ۾ رهندڙ ’ڪونڌر‘ قبيلو هتان جو پراڻو قبيلو آهي. جن ۾ گل ڪونڌر نامور اديب آهي.هن وقت خانواهڻ شهر يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو، هن يونين ڪائونسل ۾ چار ديهون: ٽنڊو گل محمد شاهه، محبت ديرو، سيال، ڪوڙو خٽڪ ۽ خانواهڻ شامل آهن، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ديهون شامل آهن. هتي گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول، گرلس، مڊل ۽ پرائمري اسڪول، مسلم ڪمرشل بينڪ، بيسڪ هيلٿ يونٽ ۽ ٻيا سرڪاري ادارا موجود آهن. هتان جي عالمن ۽ فاضلن ۾ قاضي معالي، قاضي اشرف ثاني، قاضي عبدالواحد ۽ قاضي ميان پير بخش اول حافظ شوق محمد سهتو مشهور هئا. اديبن ۽ شاعرن ۾ قاضي ميان احمد، توت فقير (شاعر ۽ سگهڙ)، ماستر سکر مل، ڦڳڻ مل، قاضي محمد يعقوب صابر، (اديب ۽ شاعر)، قاضي عبدالحميد جهانگي، قريشي حامد علي خانائي (تاريخدان ۽ اديب)، نجم عباسي (نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار)، ڪلا پرڪاش (ڪهاڻيڪار، ناول نگار)، نذير ناز، قاضي محمد اشرف، غلام نبي ناشاد، پارس حميد، گدا حسين گدائي، غلام علي شاهه بسمل، اعجاز شاهه، غلام شبير طالب لطيف، غلام مصطفيٰ شاهه گوهر، غلام حسين خشڪ، گل شير لوچي (نوجوان شاعر ۽ اديب) وغيره شامل آهن. 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ جو بنياد غلام نبي ناشاد ۽ پارس حميد وڌو. هن شهر ۾ ساهتي لائبرري به قائم آهي، ان کانسواءِ ساهتي سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن، ڪونڌر ويلفيئر ايسوسيئيشن، ينگ ملاح ايسوسيئيشن ۽ ٻيون سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. هتي ساهتي لائبريري به 1948ع کان قائم آهي. جنهن جو انچارج غلام نبي ناشاد آهي. خانواهڻ کي چئن طرفن کان روڊ آهن. مشهور سرجن آفتاب احمد قريشي (حيدرآباد)، ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو، هيئر گرافٽنگ سرجن، خانواهڻ جا رهاڪو آهن. مشهور ڪامورو هاشم ميمڻ (اڳوڻو ڪمشنر سکر) ۽ ٻيا ڪيترا اعليٰ آفيسر سماج سڌارڪ به هن شهر سان واسطو رکن ٿا. هتي هر سال غازي غلام شاهه جو ميلو لڳي ٿو. خانواهڻ شهر ۾ جيڪي ذاتيون رهن ٿيون تن ۾: قريشي، سهتا، سيد، ملاح، تنيا، موچي، شيخ، قاضي، لوچي، ڪنڀر، دايه، مڱڻهار، لوهر، سولنگي، سيال، ميمڻ، ڪونڌر، خشڪ، حجم، کنڀڙا، عباسي، پيرزادا، ڪلهوڙا، سومرا اچي وڃن ٿا.