خانواهڻ

خانواهڻ (شھر): خانواهڻ سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جو نهايت قديم ۽ تاريخي شھر آهي. نوشهري فيروز ضلعي جي ڪنڊياري تعلقي ۾ هن شھر جي قديم علمي مرڪز واري حيثيت حاصل رهي آهي. هن شھر جو بنياد ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ پيو ۽ آهستي آهستي ترقي ڪندو اوج کي پهتو. هيءُ شھر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جي تھذيب ۽ تمدن جو نشان آهي، خانواهڻ جو قديم شهر، ڪوٽڙيءَ ڪبير کان اڍائي ڪوهن جي مفاصلي تي سنڌو درياھہ جي اڀرندي ڪناري تي آباد آهي. روايت آهي تہ اڳئين زماني ۾ هن شھر ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي وچان درياھہ وهندو هو، جيڪو هاڪڙو درياھہ سڏبو هو. هاڪڙو سنڌونديءَ جي اها قديم شاخ هئي، جيڪا اتر ۾ پنجند وٽان سنڌو درياھہ مان نڪري، اڀرنديءَ سنڌ کي سيراب ڪندي هئي ۽ ننگرپارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. محقق قاضي ميان قطب الدين هن شھر جو احوال بيان ڪندي لکي ٿو تہ: ”خانواهڻ جو هڪ قديم ڳوٺ لوهاڻي درياھہ جي ڀڪ تي آباد آهي، سھتا قبيلي جي ماڻهن جو وسايل آهي. هن شھر ۾ ڪوٽڙي ڪبير کان سيد، خالدي، قريشي، دلواڻي (هندو) ۽ مياڻيءَ وارا ميربحر، مدد خان جي حملي وقت لڏي اچي رهيا.“
هن شھر جي باري ۾ ميان نور لکي ٿو تہ: ”خانواهڻ نالي هيءُ شھر سھتا قبيلي جي بااثر زميندار خان سهتي جو ٻڌايل آهي، اوائل ۾ هي شھر ’خان جو واهڻ‘ يا ’خان جو ڀاڻ‘ ڪري سڏبو هو، پر پوءِ وقت گذرندي ان جي نالي ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ خان جي واهڻ مان بدلجي خانواهڻ سڏجڻ لڳو.“ مشھور اديب عبدالخالق موجب هيءُ شھر 1890ع تائين خيرپور رياست ۾ شامل هو، هن شھر جي اتر ۾ هڪ وڏي کڏ يا کاهي آهي، جنهن جي ڪنڌيءَ تي هندن جي هڪ قديم مڙهي هئي، هن مڙهيءَ ۾ هندن جو هڪ ننڍڙو مندر هو. خانواهڻ شھر جي اوڀر ۾ پراڻي ميراڻي گرڪڻي واھہ جي ڪنڌيءَ تي ٻالچند نالي هڪ هندو زميندار جي پٽ چوهڙمل پنھنجي نالي پويان ’چوهڙپور‘ نالي محلو تعمير ڪرايو هو، ان ۾ آسپاس جا ڪيترائي هندو لڏي اچي آباد ٿيا. هيءُ شھر ساهتيءَ جي گهڻن شهرن کان وڌيڪ وسندڙ ۽ آباد هو. خاص ڪري تعلقي ڪنڊياري جو مکيہ ۽ اهم شھر هو، واپار جي لحاظ کان بہ هيءُ وڏو برک شھر هو. هتي چانورن ۽ ڪپڙي جو ڪم گهڻو ٿيندو هو. هتي جا پوتڙا، انگوڇا ۽ چوڙيون، سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور هيون، هن شھر جي چوڌاري باغ هئا ۽ هتان جا انب سموريءَ سنڌ ۾ وڪري لاءِ ويندا هئا، هتي وڏا وڏا واپاري رهندا هئا. هن شھر جي رهواسين جي شاهوڪاريءَ جي ساک ان مان ئي ظاهر آهي تہ خانواهڻ جون ڳاڙهيون ماڙيون اڄ بہ قائم آهن. خانواهڻ شھر ۽ پسگردائيءَ ۾ رهندڙ ’ڪونڌر‘ قبيلو هتان جو پراڻو قبيلو آهي. جن ۾ گل ڪونڌر نامور اديب آهي.هن وقت خانواهڻ شھر يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو، هن يونين ڪائونسل ۾ چار ديهون: ٽنڊو گل محمد شاھہ، محبت ديرو، سيال، ڪوڙو خٽڪ ۽ خانواهڻ شامل آهن، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ديهون شامل آهن. هتي گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول، گرلس، مڊل ۽ پرائمري اسڪول، مسلم ڪمرشل بينڪ، بيسڪ هيلٿ يونٽ ۽ ٻيا سرڪاري ادارا موجود آهن. هتان جي عالمن ۽ فاضلن ۾ قاضي معالي، قاضي اشرف ثاني، قاضي عبدالواحد ۽ قاضي ميان پير بخش اول حافظ شوق محمد سھتو مشھور هئا. اديبن ۽ شاعرن ۾ قاضي ميان احمد، توت فقير (شاعر ۽ سگهڙ)، ماستر سکر مل، ڦڳڻ مل، قاضي محمد يعقوب صابر، (اديب ۽ شاعرقاضي عبدالحميد جهانگي، قريشي حامد علي خانائي (تاريخدان ۽ اديب)، نجم عباسي (نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار)، ڪلا پرڪاش (ڪهاڻيڪار، ناول نگار)، نذير ناز، قاضي محمد اشرف، غلام نبي ناشاد، پارس حميد، گدا حسين گدائي، غلام علي شاھہ بسمل، اعجاز شاھہ، غلام شبير طالب لطيف، غلام مصطفيٰ شاھہ گوهر، غلام حسين خشڪ، گل شير لوچي (نوجوان شاعر ۽ اديب) وغيرہ شامل آهن. 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ جو بنياد غلام نبي ناشاد ۽ پارس حميد وڌو. هن شھر ۾ ساهتي لائبرري بہ قائم آهي، ان کانسواءِ ساهتي سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن، ڪونڌر ويلفيئر ايسوسيئيشن، ينگ ملاح ايسوسيئيشن ۽ ٻيون سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. هتي ساهتي لائبريري بہ 1948ع کان قائم آهي. جنهن جو انچارج غلام نبي ناشاد آهي. خانواهڻ کي چئن طرفن کان روڊ آهن. مشھور سرجن آفتاب احمد قريشي (حيدرآباد)، ڊاڪٽر ذوالفقار تنيو، هيئر گرافٽنگ سرجن، خانواهڻ جا رهاڪو آهن. مشھور ڪامورو هاشم ميمڻ (اڳوڻو ڪمشنر سکر) ۽ ٻيا ڪيترا اعليٰ آفيسر سماج سڌارڪ بہ هن شھر سان واسطو رکن ٿا. هتي هر سال غازي غلام شاھہ جو ميلو لڳي ٿو. خانواهڻ شھر ۾ جيڪي ذاتيون رهن ٿيون تن ۾: قريشي، سهتا، سيد، ملاح، تنيا، موچي، شيخ، قاضي، لوچي، ڪنڀر، دايه، مڱڻهار، لوهر، سولنگي، سيال، ميمڻ، ڪونڌر، خشڪ، حجم، کنڀڙا، عباسي، پيرزادا، ڪلهوڙا، سومرا اچي وڃن ٿا.


لفظ خانواهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو