خانپور 2 (بندر): خانپور سنڌو درياھہ جو آڳاٽي وقت ۾ هڪ شاندار بندر رهيو آهي، جيڪو ڪوٽڙيءَ جي ويجهو هو. ڪوٽڙي بندر جي زور وٺڻ کان پوءِ هن بندر جو اوج ختم ٿيندو ويو ۽ هاڻي خانپور ۾ بندر جو وجود نہ رهيو آهي. ڪوٽڙي پُل ٺھڻ کان پهرين خانپور جو بندر اوج تي هو، ٿاڻي بولا خان ۽ ٿاڻي احمد خان جو هر قسم جو سامان هن بندر تان ٻاهر ويندو هو. انهيءَ زماني ۾ خانپور کان درياھہ گوني ڪنڊ ٺاهي، سڌو ڪوٽڙيءَ طرف وهندو هو ۽ ساڳي سڌائيءَ ۾ ڪاري کھي تائين ويندو هو. اڄ تائين خانپور کان درياھہ ساڳئي نموني وهي ٿو. تيز تکي واءَ ۾ خانپور کان ٻيڙيون ونجهہ هڻڻ کان سواءِ ڪوٽڙي ڏي وڃي نہ سگهنديون هيون. خانپور بندر تي ٻيڙين کي مال لاهي اوڀارو موٽڻو پوندو هو، ان حالت ۾ ٻيڙين کي ڏکيائي ڪا نہ ٿيندي هئي، پر لهوارو وڃڻ وقت ڪافي ڏکيائين کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو. ڪوٽڙي پل ٺھڻ کان پوءِ تہ خانپور جي ”منجهہ“ وڌيڪ جوکائتي ٿي پئي هئي، ڏاڍي خبرداريءَ سان طوفانن سان منهن ڏيڻ وارا ملاح سيبتا ۽ سُچيت ناکئا پل پهچڻ سان ويڻي يا سکان کي اهڙو تڪڙو چڪر ڏيندا هئا، جو ٻيڙي ڦِري پُل کان ٿورو اڳ ٿي تڙ سان اچي ميل ڪري بيهندي هئي، خانپور جي ”منجهہ“، ملاحن لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو هوندي هئي.