خانپور1

خانپور: هيءُ ضلعي شڪارپور جو شھر ۽ هڪ تعلقو آهي. هي تاريخي شهر، شڪارپور شھر کان اوڀر طرف انڊس هاءِ. وي تي واقع آهي. هي شھر شڪارپور کان بہ اڳ قائم ٿيل معلوم ٿئي ٿو. هن شھر جي آبادي هڪ لک جي لڳ ڀڳ ٿيندي. آڳاٽي زماني ۾ خانپور شھر جي چوڌاري ڪچو ڪوٽ (قلعو) هوندو هو، جو اڳتي هلي زماني جي گردش سبب ڊهي ويو. ان زماني ۾ هن شھر جي چؤڌاري تقريباً پنج سؤ کوھہ هئا، جن جي پاڻيءَ تي ٻنين ۾ ڀاڄيون ٿينديون هيون. اڄ بہ هتان جي بصر جي جنس ۽ پٽاٽن جي جنس مشھور آهي ۽ هتان جو تماڪ بہ مشھور آهي ۽ ٻيون ڪيتريون ڀاڄيون ٿين ٿيون.
خانپور شھر ۾ سرڪاري اسپتال سان گڏوگڏ هاير سيڪنڊري اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول ۽ مدرسا بہ آهن. هتي رهندڙ ذاتين ۾ سيٺار، سيد، سومرا، چاچڙ، ٻرڙا، ابڙا، لاڙڪ، ميمڻ، پاٽولي، هڪڙا، آرائين، چوڌري، مغل، مڱڻهار، بروهي، ڪيهري ۽ ٻيا قبيلا ۽ ذاتيون اچي وڃن ٿيون. هن نالي سان دادو ضلعي جي خيرپورناٿن شاھہ تعلقي ۾ بہ مشھور ڳوٺ آباد آهي، جنهن ۾ مشھور سياستدان امير بخش جوڻيجو رهندو هو. خانپور شھر ۾ ڪلهوڙن جي دور جي مسجد ۽ ان ڀر ۾ برهان جا قبا واقع آهن.



هن صفحي کي شيئر ڪريو