خان خانان بيرام خان

خان خانان‘ بيرام خان: بيرام خانخان خانان‘، علي شڪر بيگ بهارلو جي چوٿينءَ پيڙهيءَ مان هو، جنهن جو تعلق ترڪن جي قبيلي قراقوملو سان هو. علي شڪر بيگ همدان، دينو ۽ ترڪستان جو سردار هو. وقت جي تبديليءَ ۽ زوال سبب بيرام خان جو پيءُ بابر مرزا بادشاھہ وٽ ملازم اچي ٿيو. خان خانان بيرام خان، بدخشان ۾ ڄائو ۽ پيءُ جي موت کان پوءِ بلخ ۾ وڃي علم حاصل ڪيائين. سورهن سالن جي عمر ۾ همايون بادشاھہ جي خدمت ۾ پهچي تربيت ورتائين ۽ خداداد قابليت سبب همايون بادشاھہ جو مقرب ٿيو ۽ امارت جي درجي تي فائز ٿيو. قنوج جي فتح دوران وڏي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريائين. 7 محرم الحرام 950ھہ/ 13 اپريل 1543ع تي همايون جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ جَوڻ ۾ پهتو، جيڪو درياهي ڪناري تي واقع شھر هو. بادشاھہ جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کان اڳ کيس ارغونن جي فوج سان وڙهڻو پيو. بيرام خان جيئن ئي جنگ ۾ شامل ٿيو، تيئن ارغون فوج کي شڪست آئي. ان وقت جي ايران جو بادشاھہ بہ بيرام خان کان گهڻو متاثر هو، جنهن بيرام خان کي ’خان‘ جي لقب سان نوازيو. همايون ايران جي بادشاھہ سان واعدو ڪيو تہ قنڌار جو علائقو قزلباشن (مغلن) کي ڏنو ويندو ۽ هن ايئن ئي ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪابل جي فتح لاءِ روانو ٿيو، ان کان پهرين قنڌار جو قلعو بيرام خان جي حوالي ڪري پنهنجا ٻار ٻچا اتي ڇڏيائين.
963 ھہ/ 1556ع ۾ بـيـرم خـان اڪبر بادشاھہ جو اتاليق مقرر ٿيو. 2 ربيع الثاني 963ھہ/ 14 فيبروي 1556ع ۾ اڪبر بادشاھہ پنجاب ۾ ڪلانور جي تخت تي ويٺو تہ بيرام خان کي ’سلطنت جو وڪيل‘ (وڪيل السلطنت) مقرر ڪيائين. مغل سلطنت طرفان اُن سال کيس ’خان خانان‘ جو خطاب ڏنو ويو. اڪبر بادشاھہ کيس ’خان بابا‘ جي نالي سان بہ سڏيندو هو. 965ھہ/1557ع ۾ بيرام خان جي شادي همايون جي ڀاڻيجيءَ ۽ مرزا نور الدين محمد جي ڌيءَ سليم سلطان بيگم سان ٿي. روايت آهي تہ اڪبر بادشاھہ ۽ خان خانان بيرام خان جي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيا، ليڪن ڪجهہ عرصي کان پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ ٺاھہ ٿيو ۽ اڪبر بادشاھہ بيرام خان کي سندس عهدا واپس ڪيا، جنهن کانپوءِ بيرام خان گجرات جي شھر پٽن ۾ آرام ڪرڻ لاءِ پهتو. ڪجهہ ڏينهن کانپوءِ جمادي الاول 968ھہ /31 جنوري 1561ع ۾ بيرام خان هڪ تلاءَ جي سير لاءِ نڪتو، جيڪو سس لنگ جي ڪري مشھور هو. انهيءَ تلاءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هزار هزار بت خانا هئا. بيرام خان تلاءَ جو سير ڪندو، جڏهن ڪناري تي اچي پهتو تہ مبارڪ خان لوهاڻو بيرام جي استقبال جي بهاني سان اڳيان وڌيو ۽ ڀاڪر پائي بـيـرام خـان جـي پـيـٽ ۾ خـنـجـر وهـائي ڪـڍيـائـيـن، بـيـرام خان ٿڏي تي شـهـيـد ٿـي ويـو. سـنـدس لاش ڪـجهہ عـرصـي لاءِ امـانت طور شيخ حسام جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، پر جلد حسين قلي خان جي ڪوششن سان بيرام خان جي لاش کي ايران کڻائي وڃي مشهد مقدس ۾ دفن ڪيو ويو. قاسم ارسلان مشهدي سندس قطعه تاريخ وفات هن طرح چئي آهي:
در واقعہ هاتفي پي تاريخش
گفت که ’شھيد شد محمد بيرام‘
968 ھہ
بيرام خان جي مرڻ کان پوءِ اڪبر بادشاھہ سليمه سلطان بيگم سان نڪاح ڪيو. (حوالو: تذڪره ’ماثرالامراءِ‘، صمصام الدوله شاهنواز خان.)


لفظ خان خانان بيرام خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1543.04.13  عيسوي

7 محرم الحرام 950هه/ 13 اپريل 1543ع تي همايون جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ جَوڻ ۾ پهتو، جيڪو درياهي ڪناري تي واقع شهر هو. بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ کان اڳ کيس ارغونن جي فوج سان وڙهڻو پيو. بيرام خان جيئن ئي جنگ ۾ شامل ٿيو، تيئن ارغون فوج کي شڪست آئي. ان وقت جي ايران جو بادشاهه به بيرام خان کان گهڻو متاثر هو، جنهن بيرام خان کي ’خان‘ جي لقب سان نوازيو.


1556.02.14  عيسوي

2 ربيع الثاني 963هه/ 14 فيبروي 1556ع ۾ اڪبر بادشاهه پنجاب ۾ ڪلانور جي تخت تي ويٺو ته بيرام خان کي ’سلطنت جو وڪيل‘ (وڪيل السلطنت) مقرر ڪيائين. مغل سلطنت طرفان اُن سال کيس ’خان خانان‘ جو خطاب ڏنو ويو.


1561.01.31  عيسوي

جمادي الاول 968هه /31 جنوري 1561ع ۾ بيرام خان هڪ تلاءَ جي سير لاءِ نڪتو، جيڪو سس لنگ جي ڪري مشهور هو. انهيءَ تلاءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هزار هزار بت خانا هئا. بيرام خان تلاءَ جو سير ڪندو، جڏهن ڪناري تي اچي پهتو ته مبارڪ خان لوهاڻو بيرام جي استقبال جي بهاني سان اڳيان وڌيو ۽ ڀاڪر پائي بـيـرام خـان جـي پـيـٽ ۾ خـنـجـر وهـائي ڪـڍيـائـيـن، بـيـرام خان ٿڏي تي شـهـيـد ٿـي ويـو. سـنـدس لاش ڪـجهه عـرصـي لاءِ امـانت طور شيخ حسام جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، پر جلد حسين قلي خان جي ڪوششن سان بيرام خان جي لاش کي ايرا



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
سيد شفيق حيدر موسوي
اياز علي شاھہ شيرازي
شيخ عزت ﷲ ٺٽوي
آمنہ بلوچ
پپو سمراٽ
سيد حامد نوبهار شاھہ
آغا بدر الدين
راشد منهاس
رئيس ولي محمد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون