’خان خانان‘ منعم بيگ: ’خان خانان‘ منعم بيگ، همايون بادشاھہ جي خاص اميرن مان هو. همايون جڏهن سنڌ ۾ ارغونن سان وڙهي رهيو هو، تڏهن منعم بيگ ۽ بيرام خان هن سان گڏ هئا. 961ھہ / 1554ع ۾ منعم بيگ اڪبر بادشاھہ جو اتاليق مقرر ٿيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ اڪبر بادشاھہ بيرام خان سان ناراض ٿيو تہ ذوالحج 967ھہ/ 1560ع ۾ منعم بيگ کي وزارت جو عهدو ۽ ’خان خانان‘ جو لقب ڏنائين. منعم خان جو پٽ غني خان، ڪابل جو ناظم هو، جنهن کي پٺاڻن قتل ڪري ڇڏيو. ان جي جاءِ تي اڪبر بادشاھہ منعم بيگ کي ڪابل ۾ مقرر ڪيو. هن پنھنجي پٽ جو بدلو وٺڻ لاءِ ترت پٺاڻن تي حملو ڪيو. جلال آباد جي ويجهو ٻنهي فوجن جي وچ ۾ گهمسان جي جنگ لڳي، جنهن ۾ منعم بيگ هارائي ڪابل مان ڀڄي نڪتو. اڪبر بادشاھہ کيس ٻيهر گهرائي پهرين آگري جو وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ پوءِ بنگال جي شھر بھار جي فتح کان پوءِ کيس بھار جو جاگيردار مقرر ڪيائين. خان خانان منعم بيگ اڪبر بادشاھہ جي دؤر ۾ سڀ کان وڏو پنج هزاري امير ۽ سپھہ سالار هو. چوڏنهن سال امير الامراء ۽ شاهي سپھہ سالار رهيو. مغل سلطنت ۾ اڪبر جي ناراضگيءَ کانپوءِ سندس سڄي ملڪيت ضبط ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ قسمت جي آسري تي عادل شاھہ بيجاپوريءَ وٽ وڃي پهتو. ڪجهہ ڏينهن اتي رهڻ کان پوءِ 981 ھہ/ 1873ع ڌاري اتي ئي وفات ڪيائين. (حوالو: تذڪره ’ماثرالامراءِ‘، صمصام الدوله شاهنواز خان.)