خان محمد فقير چانڊيو

خان محمد فقير چانڊيو

خان محمد فقير چانڊيو

خان محمد فقير چانڊيو: شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاھہ جو مشھور راڳي، خان محمد فقير ولد عرس فقير چانڊيو، 1945ع ڌاري ڳوٺ دليل چانڊيي، تعلقي گولاڙچي (شھيد فاضل راهو) ضلعي بدين ۾ ڄائو. خان محمد فقير جو والد عرس فقير بہ ڀٽائيءَ جو مشھور راڳي ٿي گذريو آهي. هن راڳ جي شروعاتي تعليم پنھنجي والد کان ورتي بعد ۾ شاھہ سائينءَ جي راڳ جي مڪمل داستانن ۽ راڳ تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ سيد غلام شاھہ کان باقاعدي سکيا ورتي. 1971ع ۾ پهريون ڀيرو شاھه لطيف جي درگاھہ تي ڀٽائيءَ جو راڳ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. پي ٽي وي سينٽر ڪراچيءَ تي کيس اڳوڻي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. خان محمد فقير ثقافت کاتي معرفت پئرس، جرمني، برلن، بيلجيم، اسپين، انگلنڊ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ روس وغيرہ ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.ڪجهہ عرصو سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ۾ سينٽر فار ميوزڪ ايجوڪيشن ۾ شاھه لطيف جي راڳ جي سکيا ڏيندو رهيو.کيس ’لطيف اوارڊ ‘بہ مليو. خان محمد فقير 11 سيپٽمبر 2020ع تي ڀٽ شاھہ ۾ وفات ڪئي. کيس لطيف جي درگاھہ جي پويان حجري ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2020.09.11  عيسوي

خان محمد فقير 11 سيپٽمبر 2020ع تي ڀٽ شاهه ۾ وفات ڪئي. کيس لطيف جي درگاهه جي پويان حجري ۾ دفن ڪيو ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻڍو فقير
غلام علي سنديلو
شيخ عرس
حيدر علي
منظور سخيراڻي
عابدہ پروين
ڊگامبر وشنو پولاسڪر
عالم لوهار
غلام قادر شيخ
بالي/گولي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون