خان محمد مڱڻهار (ڍولڪ نواز): سنڌ جي مشھور ڍولڪ نواز، خان محمد ولد مٺل خان مڱڻهار 1961ع ۾ ڳوٺ ڊٻ چانڊيي، ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ ڄائو. ڍولڪ وڄائڻ جي فن جي شروعاتي تعليم وڏي ڀاءُ غلام فقير کان حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ استاد فيض محمد خان کان باقاعدي راڳ جي فن ۽ ڍولڪ جي فن جي سکيا ورتائين ۽ پاڻ کي هڪ ڪامياب ڍولڪ نواز طور مڃارايائين. شروعات ۾ خان محمد فقير درگاهن تي راڳ ڳائيندڙ ’درگاهي راڳين‘ سان ساٿ سنگت ڪندو هو. ان کان سواءِ هن مشھور فنڪارن جلال چانڊيي، ڪوثر ماروي، ڌڻي بخش سولنگي، غلام حسين ڪليريءَ سان بہ ساٿ سنگت ڪئي آهي. هن وقت هو سنڌ جي ناليواري فنڪارہ صنم مارئيءَ سان ڍولڪ تي سنگت ڪري رهيو آهي. خان محمد مڱڻهار 2004ع ۾ دبئي ’ثقافتي پروگرام‘ ۾ شرڪت لاءِ ويو، جتي مشھور راڳي شفيع فقير ۽ صنم مارئيءَ سان ڍولڪ تي سنگت ڪيائين. شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست جي عرسن تي ٿيندڙ ڪانفرنسن ۾ راڳ رنگ جي رهاڻ ۾ شرڪت ڪندو رهيو. کيس ثقافت کاتي سنڌ پاران بھترين ’ڍولڪ نواز جو اوارڊ‘ بہ ملي چڪو آهي. هي ثقافت کاتي سنڌ پاران ٻہ ڀيرا بوسنيا، الجيريا ۽ ڀارت ۾ فنڪارن جي وفدن سان گڏ پرفارم ڪري آيو آهي. خان محمد مڱڻهار سنڌ راڳي ويلفيئر ائسوسيئيشن جو ميمبر بہ آهي.